تعليمي ادارن ۾ هٿيار پهچڻ افسوس ناڪ آهي/وسند ٿري

حيدرآباد (پ.ر)  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ سنڌ يونيورسٽي جي بلاڪ هاسٽل ۾ شاگرد جواد مصطفي کي چيمبر دوران گولي لڳڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽين جهڙن علمي ادارن ۾ هٿيارن جو پهچڻ انتهائي خطرناڪ ۽ افسوسناڪ عمل آهي. اڳواڻن چيو ته تعليمي ادارن ۾ هٿيارن جي فراهمي سنڌ جي درسگاهن کي قتل گاهن ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. سخت سيڪيورٽي باوجود سرڪاري سرپرستي هيٺ يونيورسٽين ۾ هٿيارن ۽ منشيات جي فراهمي ۽ وڪرو پيپلز پارٽي سرڪار جي سنڌ دشمنيءَ جو واضح ثبوت آهي. اڳواڻن چيو ته ان کان اڳ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگرد عبدالله سومرو جو پڻ هاسٽل جي ڪمري مان گولي لڳل لاش مليو هو، پر ان واقعي تي به حڪومت ۽ انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ ڪا به جاچ نٿي ته آخرڪار يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ پسٽل ڪيئن پهتو؟ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ ٻين اعليٰ تعليمي ادارن اندر هٿيارن ۽ منشيات جي رسائي پيپلز پارٽي سرڪار جي سنڌ خلاف سازش جو حصو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.