اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ آزاد ڪشمير حڪومت کان عليحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ن ليگ آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر اعلان ڪيو ته ڪنهن غير فطري حڪومت سازي جو حصو نه بڻجنداسين، ن ليگ هاڻ اپوزيشن ۾ ويهندي.
هن چيو پ پ جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ آڻي ٿي ته اهو ان جو جمهوري حق آهي، ن ليگ ڪنهن نئين حڪومت جو حصو نه بڻجندي.
سندس چوڻ هو ته جيڪو به پارٽي پاليسي جي خلاف ويندو ته ڪارروائي کي منهن ڏيندو، نئين حڪومت رڳو شفاف عام چونڊن سان ئي ممڪن آهي، اسان آئيني ۽ سياسي بحران جي حل ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.
شاهه غلام قادر چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ ڀرپور چونڊ مهم هلائينداسين.
You might also like