راولپنڊي) ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي مهمان ٽيم گرين شرٽس جي 333 رنسن جي جواب ۾ 4 وڪيٽن تي 185 رنسون ٺاهي ورتيون.
راولپنڊي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 333 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان پهرين اننگز جي شروعات ايڊن مارڪرم ۽ ريان ريڪيلٽن ڪئي، پر 22 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ريڪيلٽن 14 رنسون ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي ڪيپر کي ڪيچ ڏئي ويٺو.
ڏکڻ آفريڪا جو ٻيو آئوٽ ٿيندڙ بيٽر ايڊن مارڪرم هو، جيڪو 32 رنسون ٺاهي ساجد خان جو شڪار بڻيو.
ڏينهن جي آخري سيشن ۾ آصف آفريدي ٽوني ڊي زورزي کي 55 ۽ بريفِس کي کاتو کولڻ بنا پويلين ڀيڙو ڪيو.
ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ڏکڻ آفريڪا 4 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهي ورتيون، ٽرِسٽن اسٽبس 68 ۽ ڪائل ويريَن 10 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا، ڏکڻ آفريڪا کي پهرين اننگز ۾ پاڪستان جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ اڃا 148 رنسون گهربل آهن.
پاڪستان جي پهرين اننگز
پاڪستان ٻئي ڏينهن پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز 259 رنسن 5 وڪيٽن جي نقصان تان ٻيهر شروع ڪئي.
سعود شڪيل 42 ۽ آغا سلمان 10 رنسن سان اننگز کي اڳتي وڌايو، سعود شڪيل ففٽي مڪمل ڪئي، آغا سلمان 45 ۽ سعود شڪيل 66 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کانپوءِ ايندڙ بيٽرن ۾ شاهين آفريدي، ساجد خان ۽ آصف آفريدي ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ ٽنهي کي ڪيشو مهاراج آئوٽ ڪيو، جڏهن ته نعمان علي 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ڏکڻ آفريڪا لاءِ ٻي ٽيسٽ ۾ واپسي ڪندڙ ڪيشو مهاراج شاندار بالنگ ڪندي 7 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سائمن هارمر کي 2 ۽ ڪگيسو ربادا جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
واضح رهي ته پهرئين ڏينهن پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو، ڪپتان شان مسعود 87 ۽ عبدالله شفيق 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا هئا.
ياد رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 0-1 سرسي حاصل آهي، لاهور ٽيسٽ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن تان شڪست ڏني هئي.