پي ايس ايل ۾ ٻه نيون ٽيمون شامل ڪرڻ جو فيصلو، طريقيڪار واضح

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين ايڊيشن ۾ وڌيڪ ٻن ٽيمن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پاڪستان سپر ليگ ۾ نئين ٽيمن جي واڌاري جي مطالبن کانپوءِ، ٻين فرنچائزز لاءِ اوپن بڊ ڪرائڻ جي تجويز به سامهون آئي آهي.
پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي ڪراچيءَ جي هڪ نجي هوٽل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران اِها خوشخبري ٻڌائي.
ذريعن موجب، پي ايس ايل جي ايندڙ 11هين ايڊيشن ۾ ٻه نيون ٽيمن شامل ڪيون وينديون ۽ وڏي دلچسپي سبب اوپن بڊ ڪرائي سگهجي ٿي جنهن ذريعي فرنچائزز جي قيمت جو فيصلو ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي نئين ٽيمن جا مالڪ پنهنجن اسڪواڊن جا نالا ۽ لاڳاپيل شهر پاڻ چونڊيندا، جڏهن ته پي ايس ايل انتظاميا ان لاءِ طريقيڪار جلد واضع ڪندي.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو پهريون ايڊيشن 2016ع ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ پنج ٽيمون شامل هيون، جن ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ، پشاور زلمي، ڪراچي ڪنگز، لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز شامل آهن.
2018ع ۾ ٽئين ايڊيشن دوران ملتان سلطانز جي شموليت سان ٽورنامينٽ ۾ ٽيمن جو انگ ڇهه ٿي ويو هو، پر ان باوجو وقت به وقت فرنچائز جوانگ وڌائڻ جو مطالبو سامهون ايندو رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.