بلوچستان جي اڻ ڳڻين معاشي صلاحيتن کي عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آڻڻ وقت جي گهرج آهي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارتي حمايت يافتا عنصر،”فتنه الخوارج“ ۽ ” فتنه الهندستان“ ناڪاري پروپيگنڊا ذريعي عوام دشمن ۽ ترقي مخالف ايجنڊا ڦهلائي رهيا آهن، رياست اهڙن سمورن دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون ڪري رهي آهي ته جيئن بلوچستان کي انهن جي شر کان پاڪ ڪري سگهجي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر رفان جاري ڪيل بيان موجب، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اڄ جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل 17هين نيشنل ورڪشاپ ۾ بلوچستان مان شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي.
فيلڊ مارشل چيو ته بلوچستان پاڪستان جو فخر آهي، جيڪو باصلاحيت، محبِ وطن ۽ پرعزم عوام جي سرزمين آهي، ماڻهو ئي صوبي جو اصل سرمايو آهن.
عاصم منير چيو ته عوامي ڀلائي واري حڪمت عمليءَ ذريعي بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي منظرنامي کي بهتر بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان جي اڻ ڳڻين معاشي صلاحيتن کي عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ وقت جي گهرج آهي.
فيلڊ مارشل سول سوسائٽي جي تعميري ڪردار، خاص طور نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته نوجوان بلوچستان جي پائيدار ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، شرط اِهو آهي ته ذاتي يا سياسي مفادن کان مٿي ٿي صوبي جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪن.
فيلڊ مارشل چيو ته ڀارت جي حمايت يافته عنصر، فتنه الخوارج ۽ فنته الهندوستان ناڪاري پروپيگنڊا ذريعي عوام دشمن ۽ ترقي مخالف ايجنڊا ڦهلائي رهيا آهن، رياست دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون ڪري رهي آهي ته جيئن بلوچستان کي سندن شر کان پاڪ ڪري سگهجي.
عاصم منير چيو ته پاڪستان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، پر پنهنجي علائقائي سالميت تي ڪنهن به قسم جي سڌي يا اڻ سڌي ڀڃڪڙي جو سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو.
ان کانسواءِ تقريب جي پڄاڻي تي هڪ کليل ۽ معلوماتي سوالن جوابن وارو سيشن پڻ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.