لاهور (ويب ديسڪ) هانگ ڪانگ سڪسز ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هانگ ڪانگ سڪسز 2025 لاءِ اسڪواڊ جو باظابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ گرين شرٽس جي قيادت فاسٽ بالر عباس آفريدي ڪندو.
ٽورنامينٽ7 نومبر کان 9 نومبر تائين هانگ ڪانگ ۾ جاري رهندي.
ميگا ايونٽ 12 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، هر گروپ ۾ 3 ٽيمون شامل هونديون. پاڪستان کي گروپ ”سي“ ۾ ڀارت ۽ ڪويت سان گڏ رکيو ويو آهي.
پي سي بي طرفان اعلانيل اسڪواڊ ۾عباس آفريدي (ڪپتان)، عبدالصمد، خواجا محمد نافع، معاذ صداقت، محمد شهزاد، سعد مسعود، ۽ شاهد عزيز شامل آهن،