ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ 26-2025 ۾ آٽو سيڪٽر تي لاڳو ٽيڪسن ۽ درآمدي ڊيوٽين ۾ تبديلين هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو، جتي ننڍي گاڏين جي اگهن ۾ وڏي واڌ، جڏهن ته مهانگي لگزري گاڏين جي اگهن ۾ واضح لاٿ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
ملڪ ۾ ٽيڪس پاليسي تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪئي پئي وڃي، مقبول آٽو ماهر ۽ پاڪ ويلز جي شريڪ باني سنيل سرفراز منج موجوده پاليسي تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ ابتو رابن هُڊ آهي، لگزري گاڏين تي ڊيوٽيون گهٽ ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته ننڍي گاڏين تي ٽيڪس وڌايو ويندو آهي، اميرن کي 2 ڪروڙن جي ڇوٽ ۽ غريب جي سوزوڪي تي 2 لکن جي واڌ ٿي وئي آهي.
پاڪ ويلز موجب بجيٽ جي نتيجي ۾ سوزوڪي آلٽو VXL AGS جي قيمت ۾ هڪ لک 86 هزار 446 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ گاڏي جي نئين قيمت 33 لک 26 هزار 446 رپين تائين پهچي وئي آهي، ان جي ابتڙ درآمدي ڊيوٽين ۾ وڏي لاٿ سبب لگزري گاڏي ليڪسس LX 600 (ماڊل 2023) جي قيمت ۾ هڪ ڪروڙ 10 کان 12 لک رپين تائين لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ڪيترائي واهپيدار ان کي معاشي ناانصافي قرار ڏئي رهيا آهن، سندن چوڻ آهي ته عام واهپيدار تي مالي بار وڌندو آهي، جڏهن ته سرندي وارن کي وڌيڪ مراعتون ڏنيون پيون وڃن.
امير کي ڇوٽ، غريب کي ڏنڊو، آلٽو مهانگي ليڪسس سستي ٿي وئي، ٽيڪس پاليسي جي انوکي ڪهاڻي
You might also like