موٽر سائيڪل سوارن تي نئين پابندي لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) موٽر سائيڪل سوارن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، اهو فيصلو سموگ کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل گڏيل قدمن جو حصو آهي.
صوبي ۾ وڌندڙ هوائي گدلاڻ ۽ سموگ جي صورتحال کي ڏسندي پنجاب حڪومت موٽر سائيڪل سوارن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.
صوبائي وزير مريم اورنگزيب اعلان ڪيو ته ڀارتي شهرن مان گدليون هوائون لاهور اچي رهيون آهن، جڏهن ته ملتان، بهاولپور ۽ بهاولنگر جا علائقا به سرحد پار گدلاڻ سان متاثر ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته موٽر سائيڪل سوارن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، شهري گاڏين جون دريون بند رکن ۽ گهرن جا در ۽ دريون به بند رکيون وڃن ته جيئن گدلاڻ کان بچي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.