راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي اوپنر عبدالله شفيق چيو آهي ته ڪيچ ڊراپ ٿيڻ راند جو حصو آهي، جڏهن ته راولپنڊي جي پِچ لاهور واري پچ کان گهڻي مختلف ناهي ۽ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي آئوٽ فِيلڊ سُست آهي.
ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ کانپوءِ عبدالله شفيق پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪيچ ڊراپ راند ۾ فرق ضرور پوي ٿو، پر اِهو ڪرڪيٽ جو حصو آهي.
هن چيو ته خراب فارم مان گذريو آهيان، پر نيٽ ۾ گهڻي محنت ڪئي آهي.
اوپنر چيو ته ميچ کٽڻ کانپوءِ به ٽيم مئنيجمينٽ ۽ رانديگر پنهنجي خامين تي ڳالهايندا آهن.
سندس چوڻ هو ته خراب ڪارڪردگي دوران شان مسعود ۽ بابراعظم سان ڪرڪيٽ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي سينيئر رانديگرن ڪيئي اهم صلاحون ڏنيون.
عبدالله شفيق چيو ته جڏهن به موقعو ملندو آهي سينيئرز سان ڪرڪيٽ تي ڳالهه ڪندو آهيان.
ٽاس جي حوالي سان ٻنهي ٽيسٽن ۾ خوش قسمت رهيا آهيون، جيتري بيٽنگ ڪنداسين اوترو پِچ بابت پتو پوندو، اسپن پچون بيٽرز لاءِ سدائين چئلينجنگ هونديون آهن.
Next Post
You might also like