جديد دور ۾ پساهه کڻندڙ ماڻهن جي اڪثريت لاءِ سمارٽ سمارٽ فون کانسواءِ زندگي گهارڻ جو خيال به محال آهي، پر انهن ڊيوائيسز جو لڳاتار استعمال وقت سان گڏوگڏ کين سست بڻائڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪيئي ماڻهو ڪڏهن به سمارٽ فون کي ري اسٽارٽ ڪرڻ بابت به ناهن سوچيندا.
پر ڇا توهان اِهو ڄاڻو ٿا ته اها عادت ڊيوائيس لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي؟
هڪ تحقيقي رپورٽن موجب، 50 سيڪڙو کان وڌيڪ سمارٽ فون استعمال ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به پنهنجا فون بند نه ڪندا آهن.
جيڪڏهن توهان به فون بند ڪرڻ بابت سوچڻ تي انزائٽي جو شڪار ٿيو ٿا ته ته ڄاڻي وٺو ته ڊيوائيس کي بند ڪرڻ، فون جي ڪارڪردگي ۽ عمر لاءِ بهترين طريقي منجهان هڪ آهي.
ماهرن جي راءِ آهي ته سمارٽ فون جي خيال رکڻ جا ڪجهه سادا ٽوٽڪا، جهڙوڪ ري اسٽارٽ ڪرڻ، ڊيوائيس جي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري آڻين ٿا.
تنهنڪري توهان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هفتي ۾ ڪيتري ڀيرا فون ري اسٽارٽ ڪرڻ فائديمند آهي.
خوشخبري اِها آهي ته اها ڳالهه ايتري ڏُکي ناهي، رڳو هفتي ۾ هڪ ڀيرو فون کي بند ڪرڻ ڪافي آهي.
هفتي ۾ هڪ ڀيرو گهٽ ۾ گهٽ هڪ منٽ لاءِ فون کي مڪمل بند ڪيو ۽ پوءِ ٻيهر آن ڪيو.
اِهو عمل فون جي cache صاف ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو ۽ اهڙيون ايپس به بند ٿي وڃن ٿيون جيڪي ڊيوائيس کي سست بڻائن ٿيون.
ان کانسواءِ هڪ عام مسئلي”ميموري ليڪ“ نالي ”ايرر“ جي روڪٿام به ٿئي ٿي.
ميموري ليڪ مسئلو ان وقت پيش اچي ٿو جڏهن ڪا ايپ ڪم ڪرڻ لاءِ ريم جي ڪجهه ميگا بائٽس وٺي پر ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ميموري کي رليز نه ڪري ته ان کي ميموري ليڪ ايرر چيو ويندو آهي.
جيڪڏهن توهان جي فون اوچتو تمام گهڻي سست ٿي وڃي ته ان جي پويان امڪاني طور ميموري ليڪ جو سبب هوندو آهي.
ميموري ليڪ جي ٻين نشانين ۾ ايپ نه هلڻ جي باوجود ميوري استعمال ٿيڻ ۽ فون جو بار بار ري اسٽارٽ ٿيڻ شامل آهن.
هفتي ۾ هڪ ڀيرو فون بند ڪرڻ جو هڪ ٻيو اهم فائدو اهو آهي ته ان سان بيٽري لائيف پڻ وڌي ٿي.
عام طور تي هڪ سمارٽ فون بيٽري کي 300 کان 500 ڀيرا مڪمل چارج ڪري سگهجي ٿو، يعني 100 سيڪڙو کان ٻُڙي تائين( هي سراسري انگ اکر آهن، ڪجهه فونن جا چارج سائيڪل ان کان وڌيڪ يا گهٽ به ٿي سگهن ٿا)
انهن چارج سائيڪلن کانپوءِ بيٽري جي مجموعي ڪارڪردگي گهٽجڻ لڳي ٿي ۽ چارج رکڻ جي صلاحيت به گهٽجي وڃي ٿي.
فون کي وقت بوقت بند ڪرڻ سان بيٽري جي عمر وڌائڻ ۾ مدد ملي ٿي، جنهن ذريعي ڊيوائيس جي عمر پڻ وڌي ٿي.
You might also like