اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين وڪيل اڪرم شيخ کي چيو ته توهان اهو نه چئو ته 26هين ترميم تڪراري آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ اٺ رڪني آئيني بئنچ 26هين آئيني ترميم ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سينيئر وڪيل اڪرم شيخ پنهنجا دليل ڏنا.
وڪيل اڪرم شيخ چيو ته منهنجي درخواست آهي ته 24 ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، وڌيڪ ڪنهن جج کي شامل ڪري عدالت کي وڌيڪ پيڪ نه ڪيو وڃي، مفادن جي ٽڪراءَ جو معاملو ججن تي ڇڏيان ٿو.
اڪرم شيخ چيو ته 26هين ترميم پوري آئين جي بنياد ۽ رياست جو هڪ عضوو ڀڃي ڇڏيو آهي، اميد آهي ته الله ججن کي همت ڏيندو ۽ هو 26هين ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيندا، فل ڪورٽ جا اهڙا فيصلا موجود آهن جن موجب 8 جج اهو ڪيس نه ٿا ٻڌي سگهن.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن چيو وڃي ته فل ڪورٽ ۾ ويهون ته اسان آئيني بئنچ جي ٽوپي لاھي ٻي پائي وٺنداسين.
جسٽس شاهد بلال رمارڪس ڏنا ته توهان چيو ته اسان 8 جج 26هين ترميم کي ڪالعدم قرار نه ٿا ڏئي سگهون ڇاڪاڻ ته اسان بينيفشري آهيون، پوءِ اهي ڪهڙا جج آهن جيڪي 26هين ترميم کان متاثر نه آهن ۽ اهو ڪيس ٻڌي سگهن ٿا؟
ان تي اڪرم شيخ چيو ته هن تڪرار جو واحد حل اهو آهي ته سڄي سپريم ڪورٽ ويهي ان کي حل ڪري.
ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين چيو ته توهان اهو نه چئو ته 26هين ترميم تڪراري آهي، جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته سر، انگريزي ۾ ته اهو ئي چوندس، “انڊر چئلينج” آهي، توهان جي ساڄي کاٻي ٻوليءَ جا ماهر ويٺا آهن، هي ته انگريزيءَ مان اردو ترجمي جو معاملو آهي.
ان تي جسٽس جمال چيو ته ٺيڪ آهي، مڃيوسين ته 26هين ترميم تڪراري آهي، هاڻي اڳتي هلو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته 24 مان 24 جج ويهي هي ڪيس ٻڌن؟
ان تي اڪرم شيخ چيو ته منهنجو موقف اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جج جي ضمير کي رهنڊ اچي يا ملامت محسوس ٿئي ته اهو نه ٻڌي، منهنجي رڳو اها خواهش آهي ته عدالت تي ڪو حرف نه اچي.
جسٽس نعيم افغان چيو ته توهان چيو ته خواهش آهي 24 جج اهو ڪيس ٻڌن، پر ڪو قانوني رستو نه ڏيکاريو، توهان جي اها خواهش ته ائين آهي ڄڻ ”انوکو لاڏلو ٻار کيڏڻ لاءِ چنڊ گهري.“