پنڊي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا خلاف شان مسعود ۽ عبدالله شفيق جون ففٽيون، پاڪستان پهرين ڏينهن 5 وڪيٽن تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ۽ آخري ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جو راند جي پڄاڻي تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي.
امام الحق 17 رنسون ٺاهي هارمر جي بال تي بولڊ ٿي ويو، جڏهن ته عبدالله شفيق 57 رنسون ٺاهيون.
اڳوڻو ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم 16 رنسون ٺاهي ڪيشو مهاراج جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ڪپتان شان مسعود 87 ۽ محمد رضوان 19 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا.
پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان 5 وڪيٽن تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته سعود شڪيل 42 ۽ آغا سلمان 10 رنسن سان ناٽ آئوٽ ڪريز تي موجود آهن.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪيشو مهاراج ۽ هارمر ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ربادا هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
پنڊي ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي، آصف آفريدي ڊيبيو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته حسن علي کي آرام ڏنو ويو آهي
واضح رهي ته آصف آفريدي 39 سال ۽ 299 ڏينهن جي عمر ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪري رهيو آهي، شاهين آفريدي کيس ٽيسٽ ڪيپ ڏني،
ياد رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.
پاڪستان لاهور ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن تان شڪست ڏني هئي.