راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي لڳاتار غيرحاضريءَ تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عليمه خان سميت 11 جوابدارن خلاف 26 نومبر جي احتجاج بابت داخل ڪيسن جي ٻڌڻي راولپنڊي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي.
عليمه خان کانسواءِ ڪيس ۾ نامزد 10 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته فريادي ڌر جا پنج شاهد به مال ڪيس سميت عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت عليمه خان جي غيرحاضريءَ تي ٽيون ڀيرو ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، عليمه خان جي ضامن عمر شريف جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته عليمه خان کي گرفتار ڪري 22 آڪٽوبر تي پيش ڪيو وڃي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت عليمه خان جي ضامن جي ملڪيت جي دستاويزن جي تصديق لاءِ ڊي سي راولپنڊي کي به هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
You might also like