لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اسان نه ڪو پٽڻو پٽيو ۽ نه ئي ڪنهن کان ڪا مدد گهري آهي.
اوڪاڙا ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ فلڊ ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ کان ٻوڏ متاثرن جي باظابطا بحالي جو اعلان ٿي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جو 70 سيڪڙو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، متاثرن جو شفاف سروي تائين سڪون سان نه ويهنداسين.
هن چيو ته اڄ کان 15 ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرن کي چيڪن جي ورڇ شروع ٿي رهي آهي، 100 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن لاءِ رکيا آهن، متاثرن کان سواءِ ڪنهن کي هڪ پئسو به نه ملندو، مون ڪرپشن جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن.
پنجاب جي وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته متاثرن جي مدد لاءِ مون ٻاهرين دنيا آڏو هٿ نه ٽنگيا، ڪنهن کان ڪا مدد نه گهري، مون پنجاب جي عوام جي عزت نفس جو خيال رکيو، منهنجي هوندي ڪير به توهان ڏانهن ميري اک کڻي نه ڏسندو.
You might also like