پ پ کي 27هين ترميم تي خدشا؟

اسلام آباد(اسد طور) طاقت جي حلقن ۾ 27هين آئيني ترميم جو مسودو تيار ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شامل نڪتن موجب نئين آئيني عدالت ٺاهي ويندي، جتي ججن جي عمر وڌائي ويندي ۽ ڪجهه چونڊيل ججن کي ان عدالت ۾ مقرر ڪيو ويندو،امين الدين خان ۽ ٻيا جج اڳ ئي پنهنجي “سي ويز” تيار ڪري رهيا آهن،ججن جي ٽرانسفر پاليسي ۾ تبديلي، هاڻي جج جي رضامندي  کان بغير به کيس هڪ هاءِ ڪورٽ مان ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري سگهجي ٿو۔ يعني عدليه وڌيڪ انتظامي ڪنٽرول هيٺ اچي ويندي،جڏهن ته   18هين ترميم تحت صوبن کي جيڪي کاتا مليا هئا (جهڙوڪ معدنيات، قدرتي وسيلا وغيره)، انهن مان ڪجهه واپس وفاق ڏانهن منتقل ڪرڻ تي غور آهي،اين ايف سي ايوارڊ نئين سر جوڙجڪ ٿي رهي آهي، صوبن جو حصو گهٽائي، وفاق (خاص طور دفاع ۽ قومي سلامتي) لاءِ فنڊ وڌائڻ تي غور ٿي رهيو آهي،جڏهن ته صدرِ مملڪت جا اختيار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تجويز آهي ته صدر کي وڌيڪ طاقت ڏني وڃي ۽ حڪومت جي انتظامي معاملن ۾ فيصلا ساز ڪردار ڏنو وڃي ڪجهه تجويزون ته “نيم صدارتي نظام” جهڙو نظام آڻڻ تي به غور ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ادارا ڪنهن فيصلي کي “قومي مفاد” ۾ قرار ڏين، ته عدالت ان جو جائزو نه وٺي سگهندي۔ذريعن موجب، آصف علي زرداري کي به ان ترميم بابت “تيار” ڪيو پيو وڃي،ذريعن موجب هڪ طاقتور ترين شخصيت جي صدر سان ملاقات ۾ انهن سڀني معاملن تي ڳالهه ٿي۔زرداري لاءِ پيغام اهو ڏنو ويو ته ملڪ جي مفاد ۾ اهڙيون تبديليون ضروري آهن،ٻئي طرف، پيپلز پارٽي کي خدشو آهي ته جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي آئي، ته سنڌ جو مالي حصو گهٽجي ويندو، جيڪو سندن حڪومت لاءِ بنيادي سهارو آهي۔اهڙي صورت ۾ پيپلز پارٽي 27هين ترميم جي مزاحمت ڪري سگهي ٿي، ۽ ان لاءِ مولانا فضل الرحمان سان به رابطي ۾ آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته  جيڪڏهن اهڙيون ترميمون لاڳو ٿيون، ته ملڪ ۾ حڪومت جو ڍانچو تبديل ٿي ويندو ، صدر وڌيڪ طاقتور، صوبائي خودمختياري محدود، ۽ عدليه انتظامي ڪنٽرول هيٺ اچي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 20 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.