شهدادڪوٽ (عوامي آواز نيوز) نادر مگسي چيو آهي ته افغان پناهه گير واپس موٽڻ گهرجن، ڇو ته اُنھن جي موجودگي پاڪستان جي وسيلن ۽ معيشت تي بار وجھي رهي آهي. حڪومت به افغان پناهه گيرن جي واپسي جي خواهش مند آهي، انهن جي نيڪالي سان وسيلن تان بار گھٽجي ويندو. نادر مگسي وڌيڪ چيو ته ڀارت جنگ ۾ شڪست جي ڪاوڙ کي ڪڍڻ لاءِ افغانين کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان جي فوج جواب ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اصل چورن کي سڃاڻي سخت سزا ڏيڻ لازمي آهي، ڇو ته موٽرسائيڪل ۽ موبائيل چوري جون وارداتون گھڻو وڌي ويون آهن. هڪ ماڻهو جي موٽر سائيڪل ٻئي چور کان وٺي ڏيڻ سان اصل ڏوهاري بچي وڃن ٿا، ائين بدامني ختم نه ٿيندي. پوليس ڪيترين جڳهن تي اڳ کان وڌيڪ ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن صفائي ۽ پاڻي جي فراهمي تي به زور ڏنو ۽ چيو ته چيئرمين کي صفائي جا انتظام مڪمل ڪرڻ گهرجن، پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي.