ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائينس صدر سيد خدا ڏنو شاهه چيو آهي ته سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائينس محسوس ڪيو ته طاقت جي بنياد تي نااانصافي ۽ غيرقانوني طريقي سانسنڌ جي زمين تي والار ٿي رهي آهي، اها ڳالهه هن گلشن حديد ۾ سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائينس جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌ جي زمينن جو تحفظ ڪري ڌاري آبادڪاري کي روڪيو وڃي اسان بحريا ٽائون رٿاکي شروعاتي ۾ قانوني طريقي سان چئلينج ڪيوسين، قانون ۽ قاعدن مطابق آباديون ٺهنديون آهن ۽ هتي طاقت جي زور سان ميگا پراجيڪٽ جوڙيا ويا هن چيو ته پنهنجي زمين جو، پنهنجي مٽيءَ جو، پنهنجي دنگن جو تحفظ اسان جي اولين ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن جو تحفظ آهي، هن چيو ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي 10 هزار ايڪڙ زمين ڊاڪٽر عاصم کي ڏني پئي وڃي هن چيو ته ملڪ رياض جو ٻيو پارٽ ڊاڪٽر عاصم آهي ۽ ان جي سرپرستي ڪير ٿو ڪري اها سڀني کي ڄاڻ آهي، قومپرست ۽ انڊيجنس رائٽيس الائينس جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪمرانن سنڌ جون زمينون پنهنجي مفادن خاطر ۽ قومي اسيمبلي جي 54 سيٽن خاطر نيلام ڪري ڇڏيون آهن بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ هاڻي ايجوڪيشن سٽي جي نالي سان سنڌ جون قيمتي زمينون ڪراچي جي گادي واري شهر جون بااثر ماڻهن جي حوالي ڪيون ويون آهن اسان کي هن عمل خلاف قانوني جنگ وڙهي آهي ۽ وڙهندا رهنداسين، سنڌي ماڻهن کي پنهنجا سمورا اختلاف ۽ ويڇا وساري سنڌ خاطر هڪ ٿيڻو پوندو ته جيئن سنڌ جي زمينون نيلام نه ٿي سگهن، هن چيو ته انڊيجينس رائيٽس الائينس ڌاري آبادڪاري ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي سنڌ خلاف سازش سمجهي ٿي، اسان کي ٻڌي، طاقت ۽ ايڪي ذريعي اهڙي ظلم، زيادتي ۽ آئيني لتاڙ خلاف هڪ ٿيڻو پوندو ته جيئن سنڌ ۽ وفاق جي حڪمرانن خلاف مهاڏو اٽڪائي سگهون. الائنس جي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، عثمان بلوچ، ايڊووڪيٽ معين مگسي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
ملير (ڊ ر) ملير ۾ ايجوڪيشن سٽي کي وڌيڪ 10 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف درساڻو ڇنو ۾ متاثر ڳوٺاڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مظاهرين "ايجوڪيشن سٽي ۽ سنڌ حڪومت خلاف نامنظور” جا نعرا هنيا، مظاهري جي اڳواڻي مجاهد جوکيو، امن الدين جوکيو، مختيار جوکيو، ستار جوکيو، نور حسن جوکيو، سليم سالار، عبدالرزاق سالار ۽ ٻين ڪئي. مظاهري سبب ميمڻ ڳوٺ کان درساڻي تائين ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايجوڪيشن سٽي کي ان کان اڳ به 9 هزار 6 سئو ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي ۽ هاڻي وڌيڪ 10 هزار زمين ڏيڻ سراسر ڳوٺاڻن سان ناانصافي آهي، هنن چيو ته اسين پنهنجي دنگن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا جيڪڏهن حڪومت سنڌ پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو ته پوءِ اسين ڳوٺاڻا ڪنهن به وڏي فيصلي جو اختيار رکون ٿا جيڪو مرڻ ۽ مارڻ تائين هوندو، هنن چيو ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي قديم ڳوٺاڻن ۽ انهن جي ماڳ مڪانن، چراگاهن ۽ آبي ذخيرن تي قبضو هوندو جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، هنن چيو ته سنڌ سرڪار جي اهڙي فيصلي سان سئو کان وڌيڪ ڳوٺ زرعي زمينون مڪمل تباهه ٿي وينديون ۽ زراعت سان وابسته هاري نارين جو وڏو انگ بيروزگار ٿي ويندو ۽ انساني حقن تي ڌاڙي برابر آهي. اڳواڻن اعلان ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي ۽ ملير جي سونهن، ساوڪ ۽ زراعت کي بچائي.