سارين جي اگهه ۾ لاٿ خلاف سنڌ ۾ جماعت اسلامي جا احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) جماعت اسلامي ڪسان بورڊ سنڌ طرفان سنڌ ۾ سارين جي اگھن ۾لاٿ توڙي ناجائز ڪٽوتي ناانصافي ۽ زراعت دشمني خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، شھدادڪوٽ، قنبر، دادو، سکر، سانگھڙ، ٽنڊوالهيار، نواب شاھ، ٽنڊوجان محمد، بدين، ٽنڊومحمد خان، ھالا، سيري، ٺٽو سميت سموري سنڌ ۾احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. جن کي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، ڪسان بورڊ سنڌ جي صدر عبدالقدوس احمداڻي، حافظ نصرالله چنا، امداد الله بجاراڻي، سيد علي مردان شاه، غلام مصطفى ميراڻي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.. بدين ۾ پريس ڪلب سامهون رٿيل احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته هاري ۽ آبادگار خوشحال ٿيندو ته سنڌ شاهوڪار ٿيندي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن جو 70 سيڪڙو زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ۾ گذريل17 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران مڪمل سهولتڪاري جي نتيجي ۾ مل مافيا ۽ سرمائيدارن طرفان مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي آبادگارن ۽ هارين سان لاڳيتو ناانصافيون ٿي رهيون آهن، پاڻيءَ جي کوٽ، زرعي جنسن جا مناسب ريٽ نه ملڻ خلاف اڄ سنڌ جا هاري ۽ آبادگار روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن، سنڌ حڪومت کي آبادگارن جي معاشي قتل تي خاموش تماشائي بڻجڻ بدران سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي. ھن پ پ حڪومت طرفان ھاري ڪارڊ کي لولي پاپ قرار ڏيندي چيو تہ آبادگارن کي ھاري ڪارڊ جي نالي تي دربدر نہ پر انھن کي پنھنجي فصل جو مناسب اگهه ڏنو وڃي. ھن چيو تہ عوامي ۽ جمھوريت جي دعويدار پارٽي جي دور حڪومت ۾ بہ سنڌ جي عوام کي پنهنجي حقن کان محروم ڪري جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي، موجوده پ پ حڪومت عوام کي جائز حق ڏيڻ بدران اشرافيه ۽ سرمائيدارن سان ملي ڪري عوام جو رت چوسي رهي آهي. سڄو سال فصلن جا اگھ ڪرائيندڙ مافيا سرگرم ٿي وڃي ٿي جڏهن به فصل لهي ٿو ته ڪلاڪن اندر جنسن جا اگهه ڪيرائي هارين جو معاشي قتل ڪيو ٿو وڃي، سارين، ڪڻڪ ۽ ڪمند جي اگهن ۾ گهٽتائي خلاف آواز اٿارڻ ۽ احتجاج ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري. سارين جو اگھه ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي، ٻج، دوائن ۽ فصل جي پوکائي تي وڏا خرچ ٿين ٿا، پر فصل لھڻ کانپوءِ اگھ ڪيرايا وڃن ٿا جو خرچ به نٿا نڪري سگھن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ سنڌ ۾ ٽماٽو پنج سئو رپيا ڪلو وڪامجي پيو، پر جڏهن بدين ۽ ٺٽي جو ٽماٽو مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته ڏهه رپيا ڪلو به نٿو وڪامجي،جيڪڏهن ساڳي صورتحال رهي ته هاري ۽ آبادگار ڪڻڪ، ڪمند، سارين ۽ وونئڻ جي پوکي بند ڪري ڇڏيندا. ڪڻڪ جو فصل لھڻ وقت في مڻ22 سئو رپين ۾ خريداري ڪئي وئي، آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ بعد ھاڻي واپارين ۽ فلورملرز اٽي ۽ ڪڻڪ جون قيمتون آسمان تي پھچائي ڇڏيون آھن. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سُهيل احمد شارق، ضلعي امير سيد علي مردان شاهه، ڪسان بورڊ جو ضلعي صدر الله بچايو هاليپوٽو پڻ خطاب ڪيو. ھوڏانھن ٽنڊو الهيار پريس ڪلب تي ڪسان بورڊ سنڌ جي صدر عبدالقدوس احمداڻي، ديدار حسين بھراڻي، ڪوٽڙيءَ پريس ڪلب تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا ، مولانا محمد عمر، نواب شاھ ۾ صوبائي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، سرور قريشي، شھدادڪوٽ ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجاراڻي، نور نبي ڀٽي. ڪشمور ۾ غلام مصطفي ميراڻي افضل عطا ڪلوڙ ، دادو ۾ محمد موسي ٻٻر، قنبر ۾ مولانا امتياز ڀٽو ، عبدالستار بروهي ، ٽنڊو محمد خان حافظ لعل محمد سولنگي، سانگھڙ ظھير جتوئي، تنگواڻي شيرخان کوسو، لاڙڪاڻي ۾ غلام حيدر ڪورائي ،رميز راجا شيخ، جيڪب آباد ۾ ابوبڪر سومرو ، ديدار علي لاشاري ، ھالا ۾ فقير محمد لاکو، سکر ۾ زبير حفيظ شيخ، امان الله تنيو، سيري حيدرآباد فتح محمد شورو، حافظ سعيد نظاماڻي ، ٺٽي ۾ ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سمون، حمزہ شورو ڪنڌڪوٽ حافظ اسدالله چنا، ثناء الله کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.