حيدرآباد (پ ر) ڊينگي ۽ مليريا جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ نور نبي پليجو گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب ڊينگي ۽ مليريا جهڙيون بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن، مڇر مار اسپري لاءِ رکيل بجيٽ به پيپلز پارٽي جي سرڪار هڙپ ڪري ڇڏي آهي، صحت تي اربين روپين جي بجيٽ خرچ ٿيڻ باوجود صحت کاتي وٽ ڊينگي ٽيسٽ جي سهولت موجود ناهي، جنهن سبب غريب ۽ مسڪين ماڻهو علاج ۽ مرضن جي سڃاڻپ واري ٽيسٽن کان محروم آهن، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ڊينگي سبب روزانو بيگناهه ماڻهو جانيون وڃائي رهيا آهن، ان باوجود اسپتالن ۾ ٽيسٽن جي سهولت فراهم نه ڪرڻ سنڌ حڪومت جي عوام دشمنيءَ جي انتها آهي، صحت کاتي جي بجيٽ غريب مريضن بدران پيپلز پارٽي جي وڏيرن ۽ ڪامورن تي خرچ ٿي رهي آهي.