حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، حڪمرانن جي بي حسي ۽ نااهلي سبب عوام جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، سرڪاري ادارا رشوت، سفارش ۽ اقرباپروري جا مرڪز بڻجي چڪا آهن، جتي عوام کي پنهنجا جائز حق حاصل ڪرڻ لاءِ به پئسو ۽ سفارش گهرجي، سنڌ جي وسيلن تي هڪ محدود طبقو قابض آهي، جيڪو عوام جي محنت ۽ وسيلن تي عياشي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته غريب ماڻهو بُک، بيروزگاري ۽ بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهن، اسپتالن ۾ دوائون نه آهن، اسڪول خالي پيا آهن ۽ شهر گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن، پر حڪمرانن جا بنگلا ۽ اثاثا وڌي رهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن ۽ وزيرن خلاف شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ادارن کي سياسي اثر کان آزاد ڪيو وڃي.