نوابشاهه (عوامي آواز نيوز) نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي جا 100 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، رپورٽ موجب نوابشاهه ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جا مريض تيزي سان وڌي رهيا آهن، ذريعن موجب صحت کاتي تصديق ڪئي آهي ته جولاءِ کان اڄ تائين 100 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صحت کاتي موجب غيرقانوني بلڊ بئنڪن، عطائي ڊاڪٽرن ۽ اسڪريننگ کان بغير رت ڏيڻ جي عمل کي بيماري پکڙجڻ جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي، صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو معاملي جو نوٽيس وٺندي عطائي ڊاڪٽرن جي گرفتاري ۽ غيرقانوني بلڊ بئنڪن کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.