جمهوري رياست بڻجون ها ته ”هارڊ يا سافٽ اسٽيٽ“ جهڙا بحث نه ٿين ها:سعد رفيق

لاهور(بيورو)ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ٽوئيٽ ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي هڪ آئيني ۽ جمهوري رياست طور ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ها، ته پوءِ “هارڊ اسٽيٽ” يا “سافٽ اسٽيٽ” جهڙن بحثن جي ضرورت ئي نه پوي ها، پر بدقسمتي سان، اهڙي رياست ٺهڻ سان گروهي ۽ ذاتي مفادن کي خطرو ٿيندو هو، تنهنڪري هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن طاقتي ڌر ان رستي ۾ رڪاوٽ وڌي،هن چيو ته گذريل اٺ ڏهاڪن ۾ پاڪستان کي “بي‌آئين سرزمين” بڻائڻ لاءِ تقريباً سڀ اسٽيڪ هولڊرن پنهنجو پنهنجو حصو ضرور وڌو ، ڪنهن گهٽ، ڪنهن وڌيڪ پر سڀ کان وڏو نقصان مارشل لائن ۽ انهن جي سهولتڪارن پهچايو،هن چيو ته آئين کي سپريم بڻائڻ کان بغير، ۽ شفاف جمهوريت کان بغير  رياست اڳتي وڌي ئي نٿي سگهي،هر سياسي جماعت ۽ ادارو ٻين جي احتساب لاءِ ته تيار آهي، پر خود احتسابي لاءِ ڪوبه تيار ناهي،هن چيو ته ڌڙن جي ويڙهه کي رياست جو مفاد، عوامي حقن جي جنگ يا مذهب جو دفاع ڪوٺڻ تسليم نٿو ڪري سگهجي،اسان کي آئين ۽ جمهوريت صرف تڏهن ياد ايندا آهن، جڏهن اسان مصيبت يا آزمائش ۾ هوندا آهيون  ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي فائدي لاءِ ٺاهيل اصولن کي ئي “آئين” ۽ “جموريت” سمجهندا آهيون،هن چيو ته آئين کي واقعي سپريم نه مڃيو ويو، ته پوءِ عوام جي وڌندڙ بيچيني سياسي پارٽين، عدالتي نظام ۽ رياستي ادارن کان منهن موڙي جٿن جي صورت اختيار ڪندي رهندي، پوءِ سوال اهو ٿيندوآخر اسان ڪنهن ڪنهن  سان وڙهنداسين؟ ۽ ڪنهن ڪنهن  کي روڪينداسين؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.