لاهور (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان ۾ رٿيل ٽه ملڪي سيريز تان هٿ کڻڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) متبادل ٽيم طور زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي طرفان متبادل ٽيم جي حيثيت سان زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي امڪان آهي ته ٽرائي نيشن سيريز پاڪستان، سري لنڪا ۽ زمبابوي جي وچ ۾ کيڏي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽه ملڪي سيريز نومبر 2025ع ۾ پاڪستان ۾ شيڊولڊ آهي، جڏهن ته نئين شيڊول جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ نومبر ۾ پاڪستان ۾ رٿيل ٽه ملڪي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ٽه ملڪي سيريز ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏي ويندي، جيڪا 17 نومبر کان 29 نومبر تائين شيڊول آهي.
ٽه ملڪي سيريز: افغانستان جي انڪار بعد پي سي بي جو متبادل ٽيم لاءِ زمبابوي سان رابطو
You might also like