سلما ڇا ٿيو آهي؟ فضا ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي سندس حيرت زده چھري ڏانهن نهاري سوال پڇيو.
فضا ھي وٺ ۽ ھن کي سڄو پڙھي پوءِ مون سان ڳالهائجان. سلما، فضا کي ھٿ ۾ ڪتاب ڏئي ڇڏيو.
اھڙو ڇا آهي ھن ڪتاب ۾ ھي ڪنھن جو لکيل آهي. ھي زيد پيرزادي جو ڪتاب مثبت سوچ آھي.
ھا مونکي ياد آيو مون ھن جي شاعري جو ڪتاب خيال وڏي شوق سان پڙھيو ھو جيڪو مونکي تمام گھڻو پسند آيو ھو ۽ مون ان تي تبصرو به لکيو ھو سوشل ميڊيا تي.
پر سلما، ھن ڪتاب ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالهه آھي جو تون صفا مونکي حيرت وچان نظر پئي اچين ۽ مونکي زوريءَ چوي پئين ته ھي ڪتاب آئون پڙھان.
فضا ھي ڪتاب ھن دنيا جو آھي ئي ڪونه . ڇا مطلب آھي ڇا ھي ڪتاب خلائن لاءِ لکيل آهي.
نه پر جيڪي ڳالهيون ھن ڪتاب ۾ آھن سي ھن دنيا کي ھڪ آئيڊيل دنيا بڻائي ڇڏيندي. زيد پيرزادو ھڪ وڏي نالي واري اديب انور پيرزادي جو پٽ آھي سندس تربيت جنھن ھٿ ۾ ٿي آھي تن جو عڪس ھن ڪتاب جي ھڪ ھڪ لفظ ۾ نمايان آھي. ھو چوي ٿو ته دشمن جي به سٺي ڪم جي ساراھ ڪرڻ گھرجي. تون ٻڌاءِ فضا ڪير ڪندو آهي دشمن جي ڪم جي ساراھ، اسان تي دوست جي سٺي ڪم جي به ناهيون ڪندا! ھو پاڪستان ۾ رھي ٻاھرين ترقي يافتا ملڪن جي ڀيٽ جي ڳالهه ٿو ڪري چوي ٿو ته "ڪيترو نه سٺو ٿئي جيڪڏھن اسڪولي وينس کي ٻارن جي يونيفارم وانگر ڪو ھڪ خاص رنگ ڏئي ڇڏجي” ھيءَ ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي آهي. ان سان روڊ تي ماڻھو الرٽ رھندا ۽ ايمبولينس وانگر اسڪولي وينن جو خيال رکندا.
ھا يار زبردست ڳالهه آھي پر ان تي عمل به ته ٿئي.
يار فضا ڏس ھي آئيڊياز آھن انھن کي ھڪ ٻئي تائين پھچائڻ جي ضرورت آھي. ھي ھڪ ٻئي تائين ايئن پھچندا جو اسين ھڪ شئي ڪتاب ۾ پڙھي پوءِ اھو ڪتاب ٻئي کي ڏيون ته جيئن ھو به پڙھن ۽ آئيڊياز شئير ٿين . مونکي ته، سچ ٻڌايان ھي ڪتاب پڙھي تمام گھڻو مزو آيو. ھي ڪتاب نه پر مشعل راه آهي جنھن تي عمل ڪري اسان زندگي کي آسان ۽ خوبصورت بڻائي سگھون ٿا. زيد جي لکڻين مان لڳي ٿو ته ھو ٺلھو ھاءِ گھوڙا ڪرڻ وارن ماڻهن کي پسند نٿو ڪري . ھو چوي ٿو ته "گھل گھوڙا ڪرڻ، ٻين کي پاراتا ڏيڻ، ماتم ۽ پٽڪو ڪرڻ سان اسان جا مسئلا ڪڏھن به حل ڪو نه ٿي سگھندا "مطلب ته زيد صاحب چوڻ چاھي پيو ته مسئلن جا حل موجود آهن بس ھمت ڪيو ۽ ڪنھن جو انتظار نه ڪيو ته ڪير ايندو ۽ اوهان جي مسئلن کي حل ڪندو پر پنھنجي سر پاڻ به ڪوشش ضرور ڪيو. سو زيد صاحب جو ھي ڪتاب پڙھي مون به پنھنجي راءِ بدلائي ڇڏي آھي.
ڪھڙي راءِ سلما؟
فضا منھنجو اردو جو ھڪ شعر آھي”
گر میسر ھو کوئی ایسا مسیحا،
جو روح کے گھائو کا مرحم بنے”
واهه يار بھترين شعر آھي تنھنجو.
ھا فضا پر زيد صاحب جون تجويزون وڌيڪ ڪارائتيون آھن. ھو چوي ٿو ته توهان پنھنجيون خوشيون پاڻ ڳوليو، ڇو ٻين جو انتظار ٿا ڪيو. خوشي جا لمحا پاڻ پيدا ڪيو، روح جي زخمن جا پاڻ مسيحا ٿيو. جيڪڏھن اسين انھن زخمن جي مسيحائن جو انتظار ڪري ڪري زندگي وڃائي ڇڏي ته پوءِ اھڙي زندگي جو فائدو ڇا. فضا، توکي حيرت ٿيندي ته ھي ليکڪ پنھنجي ڌرتي لاءِ تمام گهڻو مثبت انداز ۾ سوچي ٿو. چوي ٿو ته "اڪثر چيو ويندو آهي ته وڏن عهدن تي قابل ماڻھو موجود نه ھوندا آھن پر ھن سڄي وهنوار ۾ ڪجهه ڏوھ يا ڪوتاهي اسان جي به ھوندي آھي. ”
ڪھڙي ڪوتاهي جو ذڪر پيو ڪري سلما؟ ڏس فضا، ڇا اسان قابل ۽ محنتي ماڻھوءَ جي ساراهه ڪري ان لاءِ رستا کوليندا آھيون ھن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون نه اسان ته اڃان ھن کي پٺتي ڪندا آھيون تڏھن ته ھڪ سفارشي ۽ نااهل ماڻهو وڏن عهدن تي اچي ويندا آهن. زيد صاحب تلقين ڪري ٿو ته اھڙن قابل ماڻھن کي اڳتي ڪيون، انھن کي وڏن عهدن تي آڻڻ ۾ مدد ڪيون. پر ھي ڪم مشڪل آھي.
ھا سلما، مشڪل ته آھي پر ناممڪن ڪونھي . جيڪڏھن اھڙا لکاري ھوندا ۽ اھڙيون ساڃاهه واريون ڳالهيون لکندا رھندا ته معاشري ۾ سڌارو ضرور ٿيندو. جيئن ھي ليکڪ نااميد ناھي اسان کي به اميد جو ڏيئو روشن رکڻ گھرجي.
فضا، توکي خبر آهي ته زيد صاحب ھڪ تعليمدان به آھي، ھو سنڌ جي تعليمي نظام تي به تمام فڪرمند رهندو آهي پر مايوس ڪونھي. ھن ھڪ اھڙي اچرج جوڳي ڳالهه ڪئي آهي ته پاڙيسري ملڪ انڊيا کان به اسان ۲۵ درجا ھيٺ آھيون. ھو ان جا سبب ۽ حل پڻ ٻڌائي ٿو. توکي خبر آهي اسان سڄي ڄمار اھو سمجھيو ته استاد جو ڪم فقط پڙھائڻ آھي ھو ڪلاس ۾ اچي جيڪو سبق آھي پڙھائي ھليو وڃي پر زيد صاحب ته اسان جون اکيون کولي ڇڏيون، اسان جيڪڏھن استاد ٿياسين ته زيد صاحب جي ڳالهه تي عمل ڪري ھڪ سٺي نسل جي پيداوار جا ذريعا ضرور بڻجنداسين.
ڇا مطلب سلما. ٿورو ٻڌاءِ ته ڪيئن؟
ڏس استاد شاگردن لاءِ رول ماڊل ھوندو آھي. سٺو استاد ھو آھي جيڪو ٻارن ۾ پڙھائي جو جذبو پيدا ڪري شوق پيدا ڪري. ڪلاس ۾ ھر قسم جا شاگرد هوندا آھن ڪجهه شاگرد پڙھائي جا شوقين ۽ وري ڪجهه پڙھائي جا چور ھوندا آھن. استاد جو ڪم آھي ته سڀني شاگردن ۾ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ڪري انھن کي صرف درسي ڪتابن جي تعليم نه پر زندگي گذارڻ جي سکيا به ڏئي، انھن کي رستو ڏيکاري پوءِ منزل جي کوج ھو پاڻ ڪندا. ھي ڪتاب انھن مائٽن کي به پڙھڻ کپي جيڪي ڇوڪرن کي ته يونيورسٽي جي تعليم ڏياريندا آهن پر ڇوڪرين کي يونيورسٽيءَ موڪلڻ تي ڪيٻائيندا آهن. زيد چوي ٿو اهو والد جيڪو ڊڄي ٿو ته ڪٿي اسان جي نياڻين سان ڪو حادثو نه ٿي وڃي پر حادثو ته ڪٿي به ٿي سگھي ٿو ان جو مطلب اھو ناھي جو اوھان پنھنجي ڌيئرن کي اعلي تعليم نه ڏياريو. ھن ڪتاب ۾ نوجوانن توڙي وڏي عمر جي ماڻھن سڀني لاءِ وڏيون فائديمند ڳالهيون لکيل آهن. بلڪ ھن ڪتاب ۾ والدين لاءِ به گهڻو ڪجهه آھي ته ٻارن جي تربيت ڪئين ڪجي. مثلاً ھن ڪتاب جو ھڪ مضمون "ٻارن ۾ خدمت جي تربيت ” به پڙھڻ وچان آھي. ھن نفسانفسي واري دور ۾ جڏھن احساس ختم ٿيندو پيو وڃي زيد تڏهن ٻارن ۾ خدمت ڪرڻ جي احساس جي تربيت ڪرڻ جي تعليم ٿو ڏيندي چوي ٿو ته”ٻارن ۾ ھمدردي، سچ ڳالهائڻ سڀني کي پنھنجو سمجھڻ، ٻين جو ھڏ ڏوکي ٿيڻ، ٻين لاءِ احساس، قرب پيار ۽ سچائي قدرتي طور تي موجود ھوندي آھي پر اسان انھن جذبن جي آبياري نه ڪندا آھيون”
واه سلما واہ پر ھاڻي بس به ڪر تو ته سڄو ڪتاب مونکي تبصرو ڪري ٻڌائي به ڇڏيو.
نه فضا اڃان کوڙ سارا مضمون اٿس. ھي وٺ ڪتاب ۽ گھر وڃي آرام سان پڙھ پوءِ سڀاڻي ان تي وڌيڪ ڳالهائينداسين. ۽ ھا ڏس پڙھي پوءِ ھي ڪتاب ڪنھن ٻئي کي پڙھڻ لاءِ ڏجان ته جيئن ھي خوبصورت آئيڊياز سڀني تائين پھچن ۽ معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.