چين جي ترقي ۾ مڪاني حڪومت جو اهم ڪردار آهي، حڪمراني ٺيڪ ڪنداسين:احسن اقبال

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)منصوبابندي واري وفاقي وزيرِ احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي 2035 تائين هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻائڻ لاءِ گورننس ۽ ريگيوليٽري ڍانچي کي جديد بڻائڻ ضروري آهي،هن ٻڌايو ته تازي ٻوڏ سبب ملڪ کي شروعاتي ڪاٿن موجب 822 ارب رُپين جو نقصان پهتو آهي،اسلام آباد ۾ تقريب ۾ هن چيو ته  زرعي ۽ انفراسٽرڪچر جا شعبا سخت متاثر ٿيا آهن۔هن ٻڌايو ته مالياتي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ مهانگائي 9.2 سيڪڙو کان گهٽجي 4.2 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ٽيڪس وصولين ۾ 12.5 سيڪڙو، ۽ بينڪنگ سيڪٽر جي پرائيويٽ ڪريڊٽ ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي۔وفاقي وزير ٻڌايو ته ترسيلاتِ زر ۾ 5.8  سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو اوورسيز پاڪستانين جي اعتماد جي بحاليءَ جو ثبوت آهي۔هن چيو ته حڪومت 2884 ارب رُپيا ٽيڪس جمع ڪيو، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 2563 ارب رُپيا گڏ ڪيا ويا هئا۔هن ٻڌايو ته حڪومت گورننس جو ڍانچو ٻيهر ترتيب ڏيندي، ريڊ ٽيپ ختم ڪندي ۽ ملڪ کي بزنس فرينڊلي بڻائيندي، ريگيوليٽري سڌارن لاءِ بزنس فريم ورڪ قائم ڪيو ويندو، هن  چيو ته نون صوبن جي قيام لاءِ آئين ۾ واضع طريقيڪار موجود آهي، پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن قومي سطح تي اتفاقِ راءِ پيدا ٿيندو، هن چيو ته  چين جي ترقي ۾ لوڪل گورنمنٽ سسٽم جو بنيادي ڪردار آهي، پاڪستان کي به اها ماڊل اختيار ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.