ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس عدنان اقبال چوڌري جي سنگل بئنچ سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي شرڪت خلاف داخل درخواست تي لڳايل اعتراض ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. درخواست گذار جو موقف آهي ته ضياءُ الحسن لنجار صوبائي اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ حڪومت کان مراعتون وٺي رهيو آهي، تنهنڪري هو بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ هفتي ڪندي.
اسلام آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا
اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد، پشاور، ايبٽ آباد، گلگت ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. پي ايم ڊي موجب راولپنڊي، چترال، سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ به زلزلو محسوس ٿيو. زلزلي جي شدت 5.6 ۽ اونهائي 120 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ هو. ابتدائي طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع نه ملي آهي.
شاگرد جي داخلا رد ڪرڻ تي دائود يونيورسٽي کان جواب طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دائود يونيورسٽي جي شاگرد جي داخلا رد ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران يونيورسٽي جي وڪيل پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي يونيورسٽي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته شاگرد کي بنا شاهد ۽ ثبوت جهيڙي جو الزام هڻي ڪميٽي آڏو پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، ۽ امتحان ويجهو هجڻ سبب جلد فيصلو ضروري آهي.