ڪاروڪاري، عورتن جي قتل عام ۽ جرڳن خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ بک هڙتال

حيدرآباد(پ ر) ڪاروڪاري، عورتن جي قتلام ۽ قبائلي جرڳن خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي.  بک هڙتال کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون،  مرڪزي اڳواڻ صبحاني ڏاهري، حسنہ راهوجو، صائمہ مڱڻهار ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪاروبار وسيلي عورتن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. قبائلي جرڳا عورتن جي وڪري ۽ قتلام جو مرڪز آهن. پيپلز پارٽي سرڪار قبائلي جرڳن کي هٿي ڏئي سنڌ کي بدترين غلامي جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ جون عورتون بنيادي انساني حقن کان محروم  آهن. عورتن خلاف وڌندڙ ڏاڍايون، ڪارو ڪاري ذريعي قتل ڪرڻ ۽ قبائلي جرڳن جا عورت دشمن فيصلا آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهن. ڪارو ڪاري ذريعي عورتن جي وڪري ۽ قتلام ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ملوث آهي، ڪارو ڪاري ۽ سڱ چٽي جهڙا انسانيت کي لڄائيندڙ فيصلا ڪندڙ قبائلي سردارن کي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي. قبائلي ۽ جاگيرداري نظام سنڌ ۾ لاقانونيت، ظلم ۽ جبر کي هٿي ڏني آهي، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار طرفان قبائلي سردارن جي سرپرستي جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار طرفان آئين ۽ قانون معطل ڪري قبيلائي جرڳن کي هٿ ڏيڻ سبب سنڌ جي عورت جاگيرداري ۽ قبائلي سماج جي ظلم هيٺ پيڙهجي رهي آهي. عورت کي قتل ڪري ڪارو سڏڻ، ان جي زندگي ۽ عزت تي جرڳائي فيصلا ڪرڻ، ۽ ظالم قاتلن کي بچائڻ سنڌ جي عدالتي نظام تي سواليا نشان آهي. هنن چيو ته حڪمران ڌريون، خاص طور تي سنڌ حڪومت، جاگيردارن ۽ سردارن جي سياسي سرپرستي ڪري رهي آهي، جن جي آشيرواد هيٺ قبائلي جرڳا، عورتن جا قتلام ۽ ڪاروڪاريءَ جا قهر جاري آهن. سنڌياڻي تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ اندر عورتن جي تحفظ لاءِ جرڳن تي فوري طور پابندي لڳائي وڃي، عدالتي سڌارا آڻي انصاف سستو ۽ تڪڙو فراهم ڪيو وڃي. قبائلي جرڳن ۽ غيرقانوني فيصلا ڪندڙ سردارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.