قائدِ اعظم جي پاڪستان ۾ انتهاپسندن ۽ وڳوڙين جي گنجائش ناهي:محسن نقوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته رياست خلاف هٿيار کڻڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ وٺڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته بي امني، انتشار ۽ انتهاپسندي ڦهلائيندڙ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.محسن نقوي سان جمعيت علماءِ پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل اويس نوراني ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگي، بردباري ۽ قومي اتحاد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ هيٺين ڳالهين تي اتفاق ٿيو. ڪنهن به بيگناهه ماڻهو خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي، بيگناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو . ڪنهن به ديني مدرسو کي بند نه ڪيو ويندو.وڳوڙي عنصرن سان سختيءَ سان نمٽيو ويندو. محسن نقوي چيو ته قانون کي هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نٿي ملي سگهي، ۽ نه ئي رياست خلاف هٿيار کڻڻ جي اجازت ٿي سگهي ٿي. قائداعظم جي پاڪستان ۾ شرپسند ۽ انتهاپسند عنصرن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي.هن وڌيڪ چيو ته بي امني، انتشار ۽ انتهاپسندي ڦهلائيندڙن خلاف آهني هٿن سان ڪارروائي ڪئي ويندي. علمائن جي مذهبي هم آهنگي ۽ صبر و تحمل جي واڌاري ۾ خدمتون لائق تحسين آهن. ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ رواداري لاءِ هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.