ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 41 هين ورسي، ڀيٽا پيش

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش،ڏوڪري ۾ جسقم ڪارڪنن ٽوڙهي ڦاٽڪ جي بي گناھ  شاگردن کي شهيدن ڪرڻ ۽ سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ جسقم ضلعي جوائنٽ سيڪريٽري رڪ سنڌي، امتياز کوهارو، انور جوڻيجو، فاروق جوڳي، محمد صالح ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي جسقم اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  1984 ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ سنڌ جي راھ ۾ شهيد ٿيندڙ شاگردن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. سنڌ ۾ رهندڙ غيرقانوني افغاني سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي،هوڏانهن ٽورھي ڦاٽڪ جي شھيدن جي 41 ورسي جي موقعي تي جسقم ضلع نوشھروفيروز طرفان جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر ضلعي اڳواڻ فيصل مستوئي علي رضا خاصخيلي عزيز ڀنگھوار ھارون ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ مچر ۾ شھيد امان الله وسطڙو جي مزار تي حاضري ڀري ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شھيدن جا وارث اسان قومي ڪارڪن آھيون،شھيد قومي ڪارڪنن سنڌ جي شاگرد سياست کي مقتل گاھ جو رومانس ڏئي قومي سياست ۾ روح ڦوڪيو امجد مھيسر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته افغان عزت سان  پنھنجي ملڪ وڃن پيپلز پارٽي ھٿ وٺي ڪراچيء مان اھا لوڌ خير پور ۔نوشھرو فيروز سکر ضلعن ۾ موڪلي پئي، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر طرفان ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ورسي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا، جساف اڳواڻ نظير کوسو، علي شباڻي، فيصل برفت، محمد علي لغاري ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي سورهيه سنڌي ۽ ٻين طرفان سنڌ يونيورسٽي ورڪشاپ ۽ جيئي شاهه واري قبرستان پهچي شهيد مٺو بليدي ۽ شهيد انور عباسي جي قبر تي گلن جون چادرون چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي،ٻئي پاسي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھ سنڌي ،حسين قمبراڻي، باغي راڄپر ،مير جان سنڌي، ياسين لنڊ ،بشير پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جيئي شاھ قبرستان ۾ شهيد انور عباسي ۽  سنڌ يونيورسٽي گيراج وٽ شهيد مٺو بليدي جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. هوڏانهن جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سينئر وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ، وائيس چيئرمين ساگر سيال، جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي، فنانس سيڪريٽري مصري مھر، پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ، رابطہ سيڪريٽري سيد زبير شاھ جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر باغي فرھاد ميمڻ شھيد شفيع محمّد ڪرناڻي جي پڳدار پٽ ڄام سنگھار ڪرناڻي ۽ ضلعي ڄامشوري جي اڳواڻن فيصل ملاح، شربت سنڌي شاھنواز بليدي رفيق ڪنڀار، جان محمد ڀٽو، اويس جمالي ۽ ٻين ٽوڙي فاٽڪ جي شھيدن مٺو بليدي ۽ انور عباسي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙھي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شھيدن جي ڏنل قرباني کي تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو ۽ اڄ شھيدن جي شھادت واري ڏھاڙي تي شھيدن کي قومي سلام پيش ڪريون ٿا،

جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن پاران شهيد مالڪ  جي مزار تي حاضري

گھوڙاٻاري (ن ع آ) گھوڙاٻاري لڳ پير پٺو ۾ ٽوڙهي فاٽڪ جي شھيد مالڪ خشڪ جي مزار تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي ۽ ضلعي اڳواڻن حاضري ڏئي گلن جي چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھيو ۽ شھيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جيئي سنڌ تحريڪ پنهنجي قومي مقصد تان هرگز پوئتي نه هٽندي ۽ شھيدن جي مشن کي جاري رکندي. مزار تي حاضري ڏيندڙ اڳواڻن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو سينيئر وائيس چيئرمين فقير عبدالرزاق انڙ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي، مرڪزي  جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر باغي فرھاد ميمڻ، شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جو پڳدار پٽ ڄام سنگھار ڪرناڻي، ضلعي ٺٽو جا اڳواڻ رياض ڪرناڻي، جان محمد ڀٽو ۽ گل محمد ڪرناڻي شامل هئا.

جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي اڳواڻن پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي واري هنڌ حاضري

مانجهند(ن ع آجيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 41هين ورسي جي موقعي تي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي سينيئر وائيس چيئرمين فقير عبدالرزاق انڙ جي اڳواڻي ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي واري هنڌ حاضري ڀري وئي. ان موقعي تي واقعي واري هنڌ گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سربراھ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو تہ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ڪري قومي فڪر ۽ قومي سياست عوامي شڪل اختيار ڪئي. ضيائي آمريت دوران سنڌ جي پرامن سياست بہ گهڻي ڀاڱي زير زمين ڪم پئي ڪيو. پر ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي بعد سياست عوامي سطح تي کليل طور اڀري آئي. رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ مٿان هن وقت به جمهوريت جي نالي ۾ آمريت مڙهيل آهي. اسان سنڌ دشمن آمريتي فيصلن کي قبول نہ ڪندي. اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکندا سين. سنڌ جي شعور کي شڪست ڏئي نٿي سگهجي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جيڪي ماڻهو قومي تحريڪ کان ٻاهر آهن، انهن کي پنهنجي وطن جي بقا لاءِ قومي سياست ڏانهن اچڻ گهرجي. ان موقعي تي پنهل ساريو، غفار ميرجت، راول ڪرناڻي، پنهل جمالي، علي رضا خاصخيلي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، لياقت ملاح، علي خان جويو، وقار ميراڻي، ممتاز آريسر، زبير شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي پاران شهيدن جي خراج تحسين پيش

حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڪامريد دودوديشي ،حسين ڀٽي  مھراڻ راڄپر ،مير  جان ڪولاچي، شيبرجمالي  ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي ھنڌ  پھچي گلن نڇاورڪري بعد ۾ جيئي شاھ قبرستان ۾ شهيد انور عباسي ۽  سنڌ يونيورسٽي گيراج وٽ شهيد مٺو بليدي جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون. نصيرآباد لڳ ڳوٺ تونتو ۾ شھيد سيد امير علي شاھ جي مزار تي حاضري ڀري ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي دودوديشي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد سنڌ جا سرموڙ شهيد آهن ان وقت سائين جي ايم سيد شهيد ڀائو قمر ڀٽي  ايڊووڪيٽ کي جساف جي مرڪزي صدر جي ذميواري ڏني جنهن سڄي سنڌ ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي خلاف سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلائي هن چيو ته  اڳتي  هلي ٽوڙهي جي شهيدن کي بي گناھ قرار ڏنوويو.

جسقم قمبر پاران ڏيئا ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش

قمبر(ڊ ر)جسقم قمبر طرفان ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ورسي ملهائڻ جي حوالي سان شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب جي ايوان ۾ شهيدن جي تصويرون اڳيان ڏيئا ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي جسقم جي ضلعي توڙي سٽي جي اڳوڻن شاهجهان ڪلهوڙو ،عبدالخالق چانڊيو، محسن شاھ، امداد مغيري، ثناءُ الله بروهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  اڄ کان 41 سال اڳ اڄوڪي تاريخ تي جساف سنڌ يونيورسٽي جي قافلو جيڪو لاڙڪاڻي طرف اچي رهيو هو ان مٿان ٽوڙهي ڦاٽڪ واري مقام تي  فائرنگ ڪري جساف جي پنجن ڪارڪن کي شهيد ڪيو ويو هو، ۽ ڪيترن ئي ڪارڪن کي بلاجواز جيلن اندر مختلف ڪيسن ۾ قيد سلاسل ڪيو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.