اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان جي طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
سفارتي ذريعن موجب، افغان طالبان حڪومت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عارضي جنگ بندي کي دوحا ۾ جاري ڳالهين جي پڄاڻي تائين وڌايو ويو آهي.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عارضي سيز فائر ۾ واڌ افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 48 ڪلاڪن جي عارضي جنگ بندي اڄ شام 6 وڳي ختم ٿي رهي هئي.
سفارتي ذريعن موجب، پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهيون ڇنڇر ڏينهن شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ٻه ڏينهن اڳ افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي جنگ بندي ڪئي هئي جيڪا ختم ٿي چڪي هئي.
You might also like