ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاڪستان ۾ هلندڙ سال ” سخت سياري “ جي امڪان بابت اڳڪٿيون رد ڪري ڇڏيون.
موسميات کاتي موجب، ڊسمبر کان فيبروري تائين برساتون معمول موجب يا ٿورو گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪجهه علائقن ۾ اولهه کان ايندڙ هوائن سبب عارضي طور سياري جي لهر اچي سگهي ٿي، پر پاڪستان ۾ شديد ٿڌ بابت دعوائن جو سائنسي بنيادن سان ڪو تعلق ناهي.
موسميات کاتي موجب، سڄي ملڪ ۾ غير معمولي سخت يا رڪارڊ ٽوڙ ٿڌ بابت ڪا به سائنسي ثبوت موجود نه آهي.
You might also like