واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي روسي هم منصب سان ٻن ڪلاڪن تائين ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن کي وائيٽ هائوس طرفان هڪ نتيجا ڏيندڙ قرار ڏنو پيو وڃي.
وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر وِلاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي.
هن چيو ته ٽرمپ ۽ پيوٽن جي ڳالهه ٻولهه سٺي ۽ نتيجا ڏيندڙ هئي ۽ هن ان کي هڪ وڏي اڳڀرائي قرار ڏنو.
سندس چوڻ هو ته اڄ جڏهن يوڪرائيني صدر زيلينسڪي وائيٽ هائوس جو دورو ڪندو ته روسي صدر ۽ ٽرمپ وچ ۾ ٿيل رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ڪيرولين ليويٽ وڌيڪ چيو ته غزا ۾ جنگ بندي کانپوءِ امن ڳالهين کي تيزيءَ سان اڳتي وڌائڻ تي صدر ٽرمپ وڏي ڪريڊٽ جو حقدار آهي.
ٻئي پاسي هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربان چيو آهي ته ”آمريڪي ۽ روسي صدرن جي طئي ٿيل ملاقات دنيا جي امن پسند ماڻهن لاءِ تمام سٺي خبر آهي.“
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام هنگري جي وزيراعظم لکيو ته ” اسان تيار آهيون..!“
ٽرمپ-پيوٽن جي فون تي ٻن ڪلاڪن تائين ڊگهي ڳالهه ٻولهه، وڏي اڳڀرائي ٿي آهي: وائيٽ هائوس
You might also like