ڪراچي (رپورٽر) ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر رياض عاجز جي دستاويزي فلم ”پاڪستان ۾ دم ڏيندڙ پرنٽ ميڊيا“ جي پريميئر شو جي تقريب 19 آڪٽوبر تي شام 4 وڳي ڪراچي پريس ڪلب جي ابراهيم جيلس هال ۾ رٿي وئي آهي. تقريب جي صدارت ناميارو صحافي ۽ روزاني عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڪندو جڏهن ته نظامت جا فرض شاهد غزالي ۽ وارث رضا انجام ڏيندا. فلم ۾ پاڪستان ۾ پرنٽ ميڊيا جي زوال، صحافين جي ڏکيائين ۽ تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي ڪلچر جي اثرن تي روشني وڌي ويندي. تقريب ۾ مقبول صحافي، اديب ۽ ميڊيا سان واڳيل شخصيتون شرڪت ڪنديون جن ۾ سهيل فضل، جي ايم جمالي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، شاهد غزالي، آغا طاهر، رضا جميل ۽ ٻيا شامل آهن.