سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ عاصما گروپ جو هارون رشيد ڪامياب

ڪراچي/لاهور (رپورٽر/بيورو) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اليڪشن ۾ عاصما جهانگير جي گروپ انڊيپنڊنٽ گروپ جو اميدوار هارون الرشيد صدارتي سيٽ تي ڪامياب ٿيو آهي. لاهور رجسٽري ۾ هارون الرشيد 629 ووٽ حاصل ڪري 198 ووٽن جي برتري سان مخالف توفيق آصف کي شڪست ڏني، جڏهن ته ڪراچي پولنگ اسٽيشن تي غير حتمي نتيجن موجب هارون الرشيد 195 ۽ توفيق آصف 185 ووٽ حاصل ڪيا. سڄي ملڪ مان 4379 وڪيل ووٽ ڏيڻ جا اهل قرار ڏنا ويا هئا. جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي به انڊپينڊنٽ گروپ جو زاهد اسلم اعواڻ 88 ووٽن سان ڪامياب ٿيو. لاهور ۾ هارون الرشيد 629 ووٽ حاصل ڪيا، پروفيشنل گروپ جي توفيق آصف 431 ووٽ کنيا، 6 ووٽ رد ٿيا. اليڪشن جا حتمي نتيجا اڃا اچڻا باقي آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه انڊيپينڊنٽ گروپ جي هارون رشيد کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.