وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي هر شڪل کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران قومي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ وزيراعظم پنهنجي پرڏيهي دورن، ملاقاتن ۽ علائقائي صورتحال بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو، جڏهن ته اندروني حالتن، سيڪيورٽي چئلينجز ۽ بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين کان به آگاهه ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ افغانستان طرفان فتنه الهندوستان شرپسندي ۽ خارجين جي ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو.
ڪابينا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي شهيد جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڪابينا جي ميمبرن دهشتگردي جي هر شڪل کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بين الحڪومتي واپاري معاملن بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي، اوورسيز امپلائومينٽ ۽ ٽيڪنيڪل ووڪيشنل ايجوڪيشن ۽ ٽريننگ بابت ايجنڊن تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته قانون سازي سان لاڳاپيل ڪيسن بابت ڪابينا ڪميٽي جي ٽن اجلاسن جي فيصلن جي پڻ منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب، اجلاس دوران ريگوليٽري ريفارمز بابت ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته توانائي واري وزارت طرفان پاور سيڪٽر ۾ سڌارن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.