افغان وسندي ۾ سنڌين جي آباد ٿيڻ تي حڪومت آپريشن ڪيو:خليل شاهه

ڪراچي اوڀر ( رپورٽر ) عوامي راڄ تحريڪ جي سربراهه سيد خليل احمد شاھ سچل ڳوٺ ۾ پنھنجي آفيس ۾ پارٽي اڳواڻن زوھيب عمر لغاري، ثناءُ الله مھر، اويس ڀٽي، محبوب رند، زين لغاري  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ افغان بستي خالي ٿيڻ بعد سنڌ سرڪار کي سڌ ھجڻ باوجود تـ اتي سنڌي ماڻھو آباد ٿي رھيا آھن تـ پوليس انھن کي وارننگ ڏيڻ بجاء گھرن ۾ ويٺل عورتن کي ٻاھر ڪڍيو ويو سنڌي ماڻھن جي مٿان شيل فائر ڪري انھن کي زخمي ڪيو ويو آھي جڏھن تـ 10 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي جيڪو تمام مذمت جوڳو عمل آھي ھنن چيو تـ چاليھ سال کان وڌيڪ افغان بستي ۾ افغاني آباد ٿيل ھئا انھن جي خلاف ڪڏھن بـ اھڙي ڪارروائي نـ ڪئي وئي جڏھن سنڌي ماڻھو اتي آباد ٿيڻ شروع ٿيا تـ حڪمرانن پنھنجي ماڻھن جي خلاف ڪارروائي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي خليل احمد شاھ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ ھن وقت بـ ڪراچي جي سھراب ڳوٺ، مدينا ڪالوني، مڇر ڪالوني سميت ٻين مختلف ھنڌن تي آباد ٿيل آھن سنڌ جي مختلف ڳوٺن شھرن ۾ ھن وقت بـ افغاني آباد ٿي رھيا آھن مگر سنڌ سرڪار انھن جي خلاف ڪا بـ موثر ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نـ آھي ھن چيو تـ افغان بستي ۾ قانوني طريقي سان سنڌ جي غريب بي گھر ماڻھن کي آباد ڪرڻ لاءِ 20 رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏئي رھيا آھيون .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.