اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اهل سنت پاڪستان جي سربراهه مفتي منيب الرحمان مريدڪي واقعي کانپوءِ وڏي پيماني تي ٿيندڙ گرفتاريون ۽ مدرسا سيل ڪرڻ بابت خبرن تي ردِعمل ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته انڌا ڌنڌ ڪارروائي کي فوري طور روڪيو وڃي ۽ مدرسن ۽ مسجدن کي معمول موجب پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏني وڃي.
مفتي منيب جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن پنجاب حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سڄي صوبي ۾ ٽي ايل پي خلاف ڪارروائين جا اطلاع پڻ اچي رهيون آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته مريدڪي واقعي کان پوءِ مخصوص ماڻهن جون گرفتاريون ته سمجهه ۾ اچن ٿيون، پر هاڻي اطلاعن موجب وڏي پيماني تي گرفتاريون ٿي رهيون آهن ۽ مسجدن ۽ مدرسن کي سيل ڪيو پيو وڃي يا حڪومت انهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي رهي آهي، اِها حڪمت عملي غير دانشوراڻي آهي.
مفتي منيب جو چوڻ هو ته بنا ڪنهن سبب خدشن جي اڳواٽ تياري طور سڄي ملڪ ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ۽ مذهبي طبقن ۾ بنا ڪنهن جواز جي چڙ ۽ نفرت پيدا ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي.
هن مطالبو ڪيو ته هن سلسلي کي فوري طور روڪيو وڃي، ڇو ته ملڪ جون حالتون قومي ۽ ديني اتحاد جي گهر ڪن ٿيون.
مذهبي ڌرين چڙ ۽ نفرت پيدا ڪرڻ درست ناهي، گرفتاريون ۽ مدرسا سيل ڪرڻ جو سلسلو روڪيو وڃي: مفتي منيب
You might also like