ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به في تولو 5800 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان صرافا جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 5800 رپيا واڌ بعد 440900 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڏهه گرام سون 4972 رپيا اضافي سان 3 لک 78 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 58 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 4198 ڊالرز جو ٿي ويو .
You might also like