سُٺي ۽ معياري ننڊ جو سولو، بهترين ۽ قدرتي طريقو!

ننڊ نه اچڻ اڄڪلهه هر ماڻهو خاص ڪري نوجوانن جو اهم مسئلو بڻبو پيو وڃي، ان جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا پر اڄ اسان اوهان کي معياري ننڊ جي سولي ۽ بهترين اصول بابت ٻڌائينداسين.

گهڻي مقدار ۾ سبزيون ۽ ميوا کائڻ سان ننڊ جي معيار کي بهترين ڪري سگهجي ٿو.

جديد سائنسي تحقيق مان اها خبر سامهون آئي آهي ته خوراڪ ۽ ننڊ جي وچ ۾ گهرو لاڳاپو آهي ۽ خاص ڪري اهي کاڌا جن ۾ قدرتي جز فائبر، اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ وٽامنز سان ڀرپور هوندا آهن جهڙوڪ سبزيون ۽ ميوا. اهي ننڊ جي بهتري ۾ وڏي حد تائين مددگار ثابت ٿيندا آهن.

ميلاٽونن جو مقدار

ڪجهه ميوا جهڙوڪ چيري، ڪيلا، انگور ميلاٽونن سان ڀرپور هوندا آهن اهو هڪ قدرتي هارمون آهن جيڪو ننڊ کي ڪنٽرول ڪندو آهي.

ميگنيشيم ۽ پوٽاشيم

سائي پنن واريون سبزيون جهڙوڪ پالڪ، گوبي وغيره ۾ ميگنيشيم هوندو آهي جيڪو دماغ ۽ عضون کي پرسڪون ڪندو ۽ ننڊ دوران جسم کي آرام ڏيندو آهي.

فائبر ۽ بلڊ شگر ڪنٽرول

گهڻي فائبر وارا کاڌا ننڊ دوران شگر ليولز کي برقرار رکندا آهن جنهن سان رات جو جاڳڻ جو امڪان گهٽ هوندو آهي.

اينٽي آڪسيڊنٽس جو ڪردار

ميون ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس جهڙوڪ وٽامن سي ۽ اِي ننڊ جي هارموني توازن ۽ دماغي سڪون ۾ مدد ڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.