انتظاميا ۽ پوليس هيوي مشينري سان افغان بستي ڊاهڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي موجودگيءَ ۾ بلڊوزر ۽ ڳري مشينري جي مدد سان افغان بستي کي مسمار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن دوران پوليس کي مزاحمت جو منهن پڻ ڏسڻو پيو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته” هي پرائم لوڪيشن واري زمين آهي، جنهن تي ڪجهه ماڻهن جو قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.“
ايم-نائين موٽر وي لڳ سهراب ڳوٺ ڀرسان افغان بستي ڪيئي ڏهاڪا اڳ قائم ڪئي وئي هئي ۽ وقت سان گڏوگڏ هاڻ اِها هڪ باظابطا آباديءَ صورت اختيار ڪري چڪي آهي.
پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تازي ڇڪتاڻ کان پوءِ افغان شهرين کي واپس موڪلڻ واري عمل ۾ تيزي نظر اچي رهي آهي.
ڊي آءِ جي عرفان بلوچ، ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ” افغان بستي واري زمين تي ڪجهه ماڻهو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، تنهنڪري ضلعي انتظاميا ان زمين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، ڇو ته اها سرڪاري ملڪيت آهي.“
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا اهڙيون وڊيوز ۾ وائرل ٿي رهيون آهن جنهن ۾ افغان بستي ۾ خالي پيل گهرن جي ڀتين تي اسپري سان ڪجهه ماڻهن پنهنجا نالا لکيا آهن، جن مان گهڻن جي نالن سان ”ايڊووڪيٽ“ به لکيل آهي.
اربع جي صبح پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري افغان بستي پهتي ۽ ان کي مسمار ڪرڻ واري مهم شروع ڪئي وئي.
اينٽي اينڪروچمينٽ سيل سيل جي سربراهه شيان انجم موجب، آپريشن ڊپٽي ڪمشنر اولهه جي حڪم تي ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو آپريشن وران 200 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندن ٽارگيٽ 500 گهرن جو آهي، جيڪو هو پنجن ڏينهن ۾ مڪمل ڪندا.
شيان انجم موجب، سندن رڪارڊ موجب هتي اٽڪل 14 هزار ماڻهو آباد هئا، جن مان هاڻي رڳو 1300 رهجي ويا آهن.
هن چيو ته ڪجهه مقامي ماڻهم ۽ افغان پناهگيرن مزاحمت ڪري رهيا آهن ۽ پوليس تي پٿراءُ به ڪيو آهي.
شيان انجم جو چوڻ هو ته ”هي پرائم لوڪيشن واري زمين آهي، ڪجهه ماڻهو ان تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، پر اها زمين ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ملڪيت آهي، جيڪا انهن جي حوالي ڪئي ويندي.“
ياد رهي ته ڪيترائي افغان پناهگير پنهنجن گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري سامان پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي گهر اڃا تائين صحيح حالت ۾ موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.