ڪراچي(رپورٽر)ڪراچيءَ جي ڀڳل ۽ ٽٽل سڙڪن تي صبح جي واڪ دوران پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي ليجنڊ اداڪار مصطفيٰ قريشيءَ جي ٽنگ ۾ فريڪچر ٿي پيو۔مصطفيٰ قريشي چيو ته فجر جي نماز کان پوءِ جيئن هو روزانو واڪ لاءِ نڪتو، تيئن ئي روڊ جي ڀڳل حصي ۾ سندس پير ڦاسي پيو۔ مان زور سان ڪري پيس، منهنجو مٿو به روڊ تي لڳو ۽ ٽنگ ڀڄي وئي، پر الله جو شڪر آهي ته اکيون محفوظ رهيون۔“مصطفيٰ قريشيءَ شهر جي خراب حالت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته الله اسان جي حڪمرانن کي عقل ڏئي ته هو ڪراچيءَ جا روڊ ٺيڪ ڪن، ڊاڪٽرن کيس 6 هفتن جي مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي، جنهن دوران هو سڀئي سماجي ۽ عوامي سرگرميون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن۔