ڀارتي رياست جهارکنڊ ۾ مڪيش ڪمار مهتا نالي هڪ شخص پنهنجي زال کي قتل ڪري واردات کي حادثي جو رنگ ڏئي 75 لک رپيا انشورنس حاصل ڪرڻ جي سازش به پئي پر جلد ئي ان جو راز فاش ٿي ويو.
پوليس موجب هزارا باغ ضلعي ۾ هڪ شخص پنهنجي گهرواري کي قتل ڪيو ۽ پوءِ ان کي موٽر سائيڪل حادثي جو روپ ڏئي 75 لک رپيا انشورنس رقم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مقتولا سوانتي ڪماري جي عمر 27 سال هئي ۽ هن مڪيش ڪمار مهتا نالي شخص سان پهرين جون تي شادي ڪئي هئي، حادثي کان تقريبن هڪ مهينو اڳ مڪيش پنهنجي زال جي نالي تي زندگي جي انشورنس پاليسي ڪرائي هئي.
پوليس ذريعن موجب مڪيش کي سومر ڏينهن جاچ دوران حراست ۾ ورتو ويو ۽ هن انشورنس رقم حاصل ڪرڻ جي نيت سان زال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
مڪيش بيان ڏنو ته هن رات جي اونداهي ۾ سوانتي کي بائيڪ تان لاٿو ۽ کيس مٿي ۾ ڌڪ هنيا، پوءِ لاش بائيڪ جي ڀرسان رکيو ۽ پاڻ بيهوش ٿيڻ جو بهانو ڪيو ته جيئن ماڻهو ان کي حادثو سمجهن.
You might also like