ماءُ جي وڇوڙي کانپوءِ نشي ۾ پناهه، ”پاڻ کي مرندي ڏٺو اٿم“ سنجي دت زندگيءَ ڏانهن موٽ ڪيئن کاڌي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار سنجي دت جو نشي جي عادت مان ڇوٽڪاري بابت پراڻو بيان وائرل ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، سنجي دت جي 1994 ۾ فلم ’آتش‘ جي سيٽ تان ورتل هڪ وڊيو ۾ اداڪار کي پنهنجي زندگي جي ڏکين سالن ۽ ان دوران پنهنجي ڪٽنب کان ملندڙ سهائتا بابت ڳالهائيندي ڏٺو ويو آهي.

سنجَي دت نشي ۾ ڪڏهن مبتلا ٿيو؟
ڀارتي ميڊيا موجب، سنجي دت 1980 کان 1981 جي دوران نشو ڪرڻ لڳو هو، هي اِهو وقت هو جڏهن سندس ماءُ اداڪارا نرگس نيويارڪ ۾ سخت بيماري سبب علاج هيٺ هئي.
سنجَي جي خواهش هئي ته اداڪارا نرگس سنجي جي پهرين فلم ’راڪي‘ ڏسي پر نرگس 1981 ۾ فلم ’راڪي‘ جي رليز کان رڳو ٽه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري وئي.
ماءُ جي وڇوڙي نوجوان سنجي تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ هن نشي ۾ پناهه ورتي، پر وقت سان گڏوگڏ نشو عادت بڻجي ويو ۽ هو هوريان هوريان پاڻ تان ڪنٽرول وڃائڻ لڳو.

سنجي دت جو بيان
ڀارتي ميڊيا موجب، وائرل وڊيو بيان ۾ سنجي چيو هو ته ”مان سمجهان ٿو ته مون پاڻ کي مرندي ڏٺو، مان ماڻهن کان ڀڄي باٿروم ۾ لڪي ويندو هوس، مان بيمار ٿي رهيو هوس، تنهنڪري مون گهرن وارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو.“
فلم ’منا ڀائي ايم بي بي ايس‘ کان پنهنجي شبيهه تبديل ڪندڙ اسٽار نشي جي عادت مان ڇوٽڪاري لاءِ ورزش جي اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته ”منشيات ڇڏڻ ۾ ورزش ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو، ورزش جهڙي ڪا به شيءِ ناهي، جسماني سرگرميون ماڻهن لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿيون.“
وائرل وڊيو ۾ ’آتش‘ ۾ سنجي جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا تنوجا ٻڌايو ته” شوٽنگ دوران مون کي سنجي جي نازڪ حالت بابت هدايتڪار جي طرفان پتو پيو، فلم جي هڪ سين ۾ مون کي سنجي کي چماٽ هڻڻي هئي، پر ڊائريڪٽر چيو ته شوٽنگ دوران سنجي کي هٿ نه لائجانءِ ڇو ته جيڪڏهن تون کيس ڇهندين ته هو ڪِري پوندو.“

سنجَي دت جي ڀيڻ جو بيان
ٻئي پاسي هڪ انٽرويو دوران سنجي جي ڀيڻ پريا دت ٻڌايو ته ” سنجي کي صحتياب ٿيڻ ۾ اٽڪل 3 کان ساڍا 3 سال لڳا، کيس ٻه ڀيرا جرمنيءَ جي ريهيب سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو پر ڪو فائدو نه ٿيو، پوءِ هو آمريڪا ويو، جتي هو 9 مهينا رهيو، ان دوران اسان جو ساڻس ڪو رابطو نه هو ۽ نه ئي والد کي ساڻس گڏ رهڻ جي اجازت هئي.“
اداڪار جي ڀيڻ وڌيڪ ٻڌايو ته ان کانپوءِ جڏهن هو ڏيهه واپس وريو ته پنهنجي ڪيريئر لاءِ نئين شروعات ڪندي منشيات کي پٺي ڏيئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.