سنڌ حڪومت جو انقلابي قدم، شاگردن جي حاضري جي نگراني لاءِ نئون نظام متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري جي نگراني ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ نئون نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسٽوڊنٽ اٽينڊنس مانيٽرنگ سسٽم بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته اهو سسٽم شاگردن جي غير حاضري جي سببن جي نشاندهي ڪندو ۽ ان سان تدريسي مسئلن جي جاچ ۽ وقت سر قدمن کي به يقيني بڻايو ويندو.
تعليم واري وزير بريفنگ ڏيندي چيو ته اسٽوڊنٽ اٽينڊنس مانيٽرنگ سسٽم ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي، جنهن سان شاگردن جي حاضري وڌندي، ان سان استادن ۽ شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگي مانيٽر ڪئي ويندي.
هن چيو ته نئون نظام شاگردن جي غير حاضري جي سببن جي نشاندهي ڪندو، نظام آف لائن موبائل ايپ ذريعي روز اسڪولن جي حاضري ۽ اهم ڄاڻ گڏ ڪندو، سنڌ حڪومت جو تعليم جي شعبي ۾ اهو انقلابي قدم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.