اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 16 آڪٽوبر کان تيل اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب 16 آڪٽوبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 10 پيسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ 2.75 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 1.64 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اوگرا اگهن جي حوالي سان سمري ناڻي واري وزارت کي موڪليندي ۽ وزيراعظم جي مشاورت سان حتمي منظوري ڏني ويندي.
واضح رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
You might also like