پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي حڪم ڏنو آهي ته هو سڀاڻي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي کان حلف وٺي.
پشاور هاءِ ڪورٽ نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف وٺڻ بابت داخل درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت چيو ته گورنر اربع ڏينهن شام چئن وڳي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي کان حلف وٺي.
جيڪڏهن گورنر حلف نه وٺي ته ان ئي ڏينهن اسپيڪر نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف وٺي.
واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سربراهي ۾ نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف وٺڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گورنر سرڪاري دوري تي ويو آهي، هو سڀاڻي ٻه وڳي واپس ايندو.
ان تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته گورنر حلف بابت ڇا چيو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته گورنر استعيفيٰ جي منظوري لاءِ علي امين گنڊاپور کي سڏايو آهي.
عدالت سوال ڪيو ته ٻڌايو ته گورنر حلف برداري لاءِ رضا مندي ظاهر ڪئي آهي يا نه؟
اٽارني جنرل جواب ڏنو ته گورنر کي اچڻ ڏيو، هو فيصلو ڪندو، گورنر عامر جاويد کي دليلن لاءِ نامزد ڪيو آهي.
عامر جاويد ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته گورنر لاءِ انتظار ڪيو، سڀاڻي تائين هو اچي ويندو ته سڀ ٿي ويندو، نئون وڏي وزير جي اچڻ تائين پراڻو وڏو وزير آفيس جو ڪاروهنوار هلائيندو.
ان تي عدالت چيو ته اهو ته تڏهن ٿيندو جڏهن چونڊ نه ٿي هجي، هتي ته اليڪشن ٿي چڪي آهي، ٻين پارٽين به وڏي وزير جي عهدن لاءِ نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.
ٻئي پاسي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مون ڪڏهن به نه چيو ته مان حلف نه وٺندس، آئين ۽ قانون تي عمل ڪندس، اڄ خيبر پختونخوا پهچي ويندس.
گورنر فيصل ڪريم وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کان جهاز لاءِ درخواست ڪئي آهي، منهنجو جواب هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ٿي چڪو آهي، جيڪو منهنجو آئيني فرض آهي، اهو ادا ڪندس.
پشاور هاءِ ڪورٽ جو خيبرپختونخوا جي گورنر کي سڀاڻي نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف وٺڻ جو حڪم
You might also like