ميرپورماٿيلو ( رپورٽ:خالد وسير) کروهي جا با اثرجرڳائي وڏيرا گرفتار نه ٿي سگهيا، ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري فرزانه شر جو لاش هٿ نه آيو. ناري جي پيءُ سميت 15 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ايس ايڇ او يارو لنڊ جرڳي جي مک ڀوتار سان ڊيل ڪري ڪيس ۾ سندس نالو ئي نه ڏنو. کروهي واري علائقي ناري فرزانه شر کي مبينا ڪارنهن الزام ڏئي جرڳي جي فتوي تحت ڪچي واري علائقي ۾ زبردستي پرڻايو ويو، ڪچي واري علائقي ۾ جوابدارن ٻيهر ناري فرزانه مٿان ڪارنهن الزام هڻي کيس قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو.يارو لنڊ ٿاڻي تي سرڪار پاران ناري فرزانه جي پيءُ فتح محمد شر, جمعو شر, عبدالرشيد, اصغر, مزار,قطب شر سميت 15 جوابدارن خلاف فرزانا شر جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو. اطلاعن موجب يارو لنڊ پوليس جرڳائي ڀوتارن سان ٻٽ بڻجي وئي پوليس جرڳائين کي گرفتار ڪرڻ بدران اوطاقن تي ڊرامائي انداز ۾ چڙهايون ڪري کٽون اونڌيون ڪري واپس موٽي آئي. هوڏانهن قتل ٿيل ناري فرزانه شر جي مامي محي الدين شر کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي گرفتار ٿيل محي الدين جو چوڻ آهي ته اسان کي خبر ناهي پوليس چوي ٿي ته توهان ڇوڪري ڇو وڪرو ڪئي ان ڪري مونکي گرفتار ڪيو ويو آهي.
-
ايس ايڇ او يارو لنڊ جاعورتن بابت انتهائي گٿا لفظ
ميرپورماٿيلو : کروهي ۾ عورتن کي جرڳن ذريعي ڪارو ڪاري قرار ڏيڻ واري معاملي تي ميڊيا ٽاڪ دوران ايس ايڇ او يارو لنڊ رياض ڪورائي پاران عورتن جي باري ۾ انتهائي گٿا لفظ استعمال ڪيا.اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي باھ ٻري وئي ۽ ايس ايڇ او کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. ساڃاه وندن چيو ته عورت ماء ڀيڻ ۽ ڌي سميت هر رشتي ۾ مقدس آهي عورت بابت گٿا لفظ ڳالهائڻ ۽ عورت کي گاڏي سان منسوب ڪرڻ جهڙا لفظ ڳالهائيندڙ بدتميز ايس ايڇ او يارو لنڊ کي فوري طور هٽايو وڃي.
-
سنڌ ۾ ڀوتارن جا جرڳا آئين ۽ قانون دشمن آهن
حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته قومي عوامي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ جرڳن ۽ ڪاروڪاري جي واقعن جي مذمت ڪري ٿي، ڪاروڪاري، جرڳا ۽ سڱ چٽيون ڏيڻ، قبائلي فيصلا سنڌ دشمن، عوام دشمن، آئين دشمن ۽ قانون دشمن آھن، سنڌ جي ڪنھن به علائقي ۾ جيڪي به جرڳا ڪرائين ٿا اھي سنڌ جا، قانون جا، آئين جا، انساني حقن جا ۽ انسانيت جا ويري آھن، جيڪي به ماڻھو عورتن کي ڪاروڪاري ڪرڻ لاءِ ھمٿائين ٿا يا مددگار ٿين ٿا يا خاموش تماشائي رھن ٿا، اھي به عورت دشمن ۽ عوام دشمن آھن ۽ جيڪي سڱ چٽيون ڏين ٿا، ننڍڙن ٻارن جون شاديون ڪرائين ٿا، ڪاريون قرار ڏنل نياڻين ۽ عورتن کي بليڪ ميل ڪري پئسا وصول ڪن ٿا، اھي سڀ انسانيت، عورتن ۽ قوم جا دشمن آھن، سنڌ سرڪار کي انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جرڳا روڪڻ بدران پوليس ۽ انتظامي سرپرستي ۾ سرڪٽ ھائوسز ۾ جرڳا ڪري بيگناھ قتل ڪيل ماڻھن جا خون لوڙھيا وڃن ٿا، عورتون ۽ نياڻيون ڪاريون قرار ڏئي انھن جي زندگين کي جھنم بڻايو وڃي ٿو، سڱ چٽي ۾ ڏنو وڃي ٿو، ڪاروڪاري، جبري مذهب مٽائڻ ۽ ڇوڪرين جي اغوا کي روڪيو وڃي، پسند جي شادي، آزاد وجود ۽ برابري واري زندگي اسان جي ڀينرن ۽ ڌيئرن جو بنيادي حق آهي.
-
عورتن بابت اڻوڻندڙ ٻولي ڳالهائيندڙ ايس ايڇ او هٽايو وڃي: عائشا ڌاريجو
ميرپورماٿيلو: سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي اڳواڻ عائشا ڌاريجو چيو آهي ته هڪ ته عورتن سان ظلم ٿي رهيو آهي،گهوٽڪي عورتن لاءِ ڪوس گهر ثابت ٿي رهيو آهي مٿان پوليس عملدارن جي اهڙي ٻولي ايس ايس پي گهوٽڪي کي ان خلاف سخت ايڪشن کڻڻ گهرجي جيڪي ايس ايڇ او عورتن کي عزت جي نگاه سان نٿا ڏسن ان لاءِ تميز جي ٻولي نٿا ڳالهائن.اهڙي ايس ايڇ او کي پوسٽ تي هجڻ ئي نه گهرجي .