اسلام آباد(طلعت حسين)اسٽيبلشمينٽ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبر نه ٽوڙي سگهي،سهيل آفريدي جي 90 ووٽن سان چونڊ قانوني آهي هاڻي مرڪز ۽ صوبي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي،وزيراعظم سهيل آفريدي کي ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته ان باري ۾ سوچڻو پوندو،جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيانن مان به لڳي ٿو ته سهيل آفريدي جو اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي حڪومت سان گڏ هلڻ هڪ چئلينج هوندو،افغانستان سان هلندڙ معاملن ۾ ڪي پي جا معاملا به ڳنڍيل هوندا،افغانستان پاڪستان جا 23 جوانشهيد ڪيا آهن،ڪي جوان زخمي به ٿيا آهن،هن وقت افغان سرحد تي حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿي ويون آهن،سهيل آفريدي افغانين خلاف آپريشن جي مخالفت ڪري رهيو آهي،ڀارت جي هشي تي پاڪستان خلاف وڙهندڙ افغان طالبان جو ساٿ ڏنو پيو وڃي،هو ٽي ٽي پي کي خارجي نه پر داخلي ڪوٺي ٿو،هو طالبان سان گڏجي هلڻ چاهي ٿو،ان جو مطلب ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ هنگامن جي سهيل آفريدي مالڪي ڪندو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي چئلينج ڪري رياست لاءِ مشڪلات پيدا ڪندو