لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز رائيونڊ اجتماع لاءِ 3 ڏينهن اليڪٽرو بس هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ريلوي اسٽيشن ۽ ايئرپورٽ کان اليڪٽرو بس رائيونڊ تائين هلائي ويندي.
مريم نواز سان تبليغي جماعت جي وفد ڊاڪٽر نديم اشرف، مولانا امجد فاروق، مولانا محمد امير، امتياز احمد غني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي مريم نواز رائيونڊ اجتماع لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ بهترين انتظامن جي هدايت ڪئي.
هن ڊي سي، سي سي پي او، ڊي آءِ جي ۽ سي ٽي او کي پاڻ رائيونڊ وڃڻ جي هدايت ڪئي.
مريم نواز رائيونڊ مرڪز جي ديني خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته نواز شريف مون کي فوري طور تبليغي جماعت جي اڳواڻن سان ملاقات جو چيو.
ملاقات دوران وزيراعليٰ وفد کي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، امن امان ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ خاص دعائن جي درخواست به ڪئي.
You might also like