ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار بوبي ديول پنهنجي پيءُ ليجنڊري اداڪار ڌرميندر جي ٻن زالن جي رهائش گاهه بابت انڪشاف ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڌرميندر هلندڙ سال انسٽاگرام تي هڪ اُداس تصوير شيئر ڪندي لکيو هو ته ” هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو ڪنهن سوچ ۾ گم نظر اچي رهيو آهي.
تصوير جي هن ڪيپشن ۾ لکيو ته ” دلين ۾ ويڇا وڌندا پيا وڃن، ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو، انهن غلط فهمين مان؟“
پنهنجي پوسٽ ۾ ڌرميندر اِهو واضح نه ڪيو ته سندس ڪيپشن جو مطلب ڇا هو.
ان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ڌرميندر ٻن زالن ۽ ڇهن ٻارن جي هوندي به فارم هائوس ۾ اڪيلو رهي ٿو، پر هاڻي بوبي ديول خاموشي ٽوڙي حقيقت بيان ڪئي آهي.
بوبي ديول هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڌرميندر ۽ پرڪاش ڪور کنڊالا ۾ پنهنجي فارم هائوس ۾ گڏ رهن ٿا.
بوبي ديول چيو ته ” منهنجي ماءُ به والد سان گڏ فارم هائوس ۾ رهي ٿي، کين اتي رهڻ پسند آهي، هاڻي هو بزرگ ٿي چڪا آهن، کين اتان جو کاڌو پسند آهي، اتي رهڻ سندن لاءِ آرام ڏيندڙ ۽ پرسڪون آهي.“
پيءُ جي پوسٽ بابت بوبي چيو، ” بابو نهايت جذباتي آهن، هو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ وارن مان آهي، ڪڏهن ڪڏهن هو حد اورانگهي ويندو آهي، جڏهن مان کيس ان پوسٽ بابت پڇيو ته چيائين مان پنهنجي دِل جي ڳالهه ٻڌي لکندو آهيان.“
پنهنجي ماءِ پرڪاش ڪور بابت بوبي چيو ته ” منهنجي ماءُ هميشه لائيم لائيٽ کان پري رهي آهي، هوءَ هڪ مضبوط عورت آهن، اهڙي مضبوط عورت مون پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺي، سندس سفر ڏکيو رهيو، هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان آئي، پوءِ هڪ سپر اسٽار جي زال طور شهري زندگيءَ سان هم آهنگ ٿيڻ هن لاءِ آسان نه هو.“
واضح رهي ته ڌرميندر 1954 ۾ پرڪاش ڪور سان پهرين شادي ڪئي هئي، جنهن کيس چئن ٻارن سني ديول، بوبي ديول، وجيتا ديول ۽ اجيتا ديول جو اولاد آهي.
ان کانپوءِ اداڪار 1979 ۾ بالي ووڊ جي ڊريم گرل هيما مالني سان پسند جو پرڻو ڪيو، جن مان کيس ٻن نياڻين آهانا ديول ۽ ايشيا ديول آهن.
You might also like